نيب قانون نه پر ان جي غلط استعمال ۾ خرابي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد( م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته  خرابي نيب قانون ۾ ناهي پر ان جي غلط استعمال تي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ نيب قانون ۾ ترميم خلاف عمران جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ نيب قانون بابت چيو ويو ته خرابي نيب قانون جي استعمال ۾ آهي. چيف جسٽس چيو ته سختي لاءِ اسان وٽ بينچ مارڪ ڇا هوندو، طئي ڪرڻو آهي ته عدالت جي  قدم ۾ ڪيتري شدت هجڻ گهرجي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڇا اسان جو ڪم آهي ته پارليامينٽ کي چئون ته هي قانون سازي ڪيو. پارليامينٽ کي قانون سازي جو اسان چئون ته پوءِ اسان ئي ايوان هلايون.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.