عمران کي جهڪائي نٿو سگهجي: اسد عمر

جهلم(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو آهي ته ساڍا ٽي سال وزارت عظميٰ تي ويٺي عمران خان ٻاهرين ملڪ ۾ ڪا به ملڪيت نه ورتي.قائدا آباد ۾ جلسي کي خطاب  ڪندي اسد عمر چيو ته هنن کي جيڪو وڻي ڪن، مٿيان ووٽ عمران خان جا ئي آهن، ڪپتان گذريل ڇويهه سالن کان جدوجهد ڪري رهيو آهي.اسد عمر جو چوڻ آهي ته هنن ڏٺو ته جڏهن پرچين ۽ گرفتارين باوجود به کيس نٿو روڪي سگهجي ته قتل ڪرڻ جي سازش سٽي وئي.هن وڌيڪ چيو ته هنن وٽ جيتري طاقت هئي استعمال ڪري چڪا آهن، جڏهن هيءَ قوم اٿي بيٺي ته دنيا جي ڪا به قوم هنن جو مقابلو نه ڪري سگهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.