پوڻا 2 ارب ڪرپشن ڪيس ۾ معطل ڊي سي مٽياري عدنان رشيد جي گرفتاري ظاهر

حيدرآباد (رپورٽر) ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت مٽياري جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر کي ٽن ڏينهن جي جاچ لاءِ رمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اينٽي ڪرپشن پوليس گذريل ڏينهن ڊي سي  عدنان رشيد کي رمانڊ لاءِ ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته کانئس پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي ان لاءِ سندس رمانڊ منظور ڪيو وڃي. عدالت پوليس جي درخواست منظور ڪندي کيس ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ايم نائين حيدرآباد- سکر موٽروي لاءِ زمين جي خريداري لاءِ آيل رقم ۾ مبينا طور پوڻا 2 ارب رپين جي گهپلن جو انڪشاف ٿيو هو جنهن جي جاچ شروع ڪندي شروعاتي طور ڊپٽي ڪمشنر کي هٽايو ويو ۽ بعد ۾ کيس اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اينٽي ڪرپشن پوليس اربع ۽ خميس جي وچ واري رات ڊپٽي ڪمشنر کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ۽ گذريل ڏينهن سندس گرفتاري ظاهر ڪندي حيدرآباد ۾ قائم ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت ۾ پيش ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ دوران کيس هٿڪڙيون لڳل نظر نه آيون جڏهن ته هٿن تي ڪپڙا ٻڌل هئا.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.