لانگ مارچ سياسي مسئلو ، احتجاج جو حق لامحدود نه پر آئيني حدن سان ٻڌل آهي

اسلام آباد(م ڊ)سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس  عمر عطا بنديال جو چوڻ آهي ته لانگ مارچ سياسي مسئلو آهي جنهن جو سياسي حل ٿي سگهي ٿو ۽ عدالت سياسي معاملن ۾ تحمل جو مظاهرو ڪري رهي آهي.  سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ عمران خان جي لانگ مارچ خلاف سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت سوال ڪيو ته ڇا عمران خان جي لانگ مارچ لاءِ ڪا جاءِ مقرر ڪئي وئي هئي؟ انتظاميا کان پڇاڻو ڪري عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي اڌ ڪلاڪ ۾ انتظاميا کان پڇاڻو ڪري ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو ويو. ٻڌڻي جي ٻيهر شروعات تي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون عدالت ۾ پيش ٿيو ته چيف جسٽس کانئس پڇتو ته لانگ جي حوالي سان انتظاميا ڇا ڪيو آهي؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته انتظاميا کي اسلام آباد ۾ لانگ مارچ جي لاءِ پي ٽي آءِ جو خط مليو، انتظاميا پي ٽي آءِ کان تاريخ، وقت ۽ جاءِ جو پڇيو جنهن جو جواب نه ڏنو ويو. وزيرآباد واقعي کان اڳ پي ٽي آءِ رتوڇاڻ جون ڳالهيون ڪيون.  اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت تي ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. جسٽس عائشا چيو ته پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ ته گهڻن ڏينهن کان هلي رهيو آهي، ڇا توهان انتظاميا سان رابطو ڪيو؟ لانگ مارچ جي معاملي تي تڪڙ ڪهڙي آهي ۽ انتظاميا جي ڪوتاهي ڪهڙي آهي؟ چيف جسٽس چيو ته لانگ مارچ سياسي مسئلو آهي جنهن جو سياسي حل ٿي سگهي ٿو، اهڙي قسم جي مسئلن ۾ مداخلت ڪرڻ سان عدالت لاءِ عجيب صورتحال بڻجي ويندي، توهان پنهنجي درخواست ۾ هڪ آڊيو جو ذڪر ڪيو هو ۽ ان آڊيو ۾ هٿيار آڻڻ جي ڳالهه ٻولهه ٿيل آهي، آڊيو سچي آهي يا ڪوڙي پر ان سان امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته احتجاج جو حق لامحدود نه پر آئيني حدن سان ٻڌل آهي، جيڪڏهن واضح طور تي آئيني ڀڃڪڙين جو خطرو هجي ته عدالت مداخلت ڪندي. ٿي سگهي ٿو ته مداخلت ڪرڻ تي ٻئي ڌر جو پنهنجو موقف هجي. سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙين تي عدالت لاءِ معاملو پيچيده ٿي ويندو آهي، عدالت جا حڪم عمل ڪرائڻ لاءِ هوندا آهن. ان دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته هاڻي ته اها درخواست بي اثرٿي وئي آهي.  ايڊيشنل اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ عدالت جي مداخلت چاهيون ٿا، جنهن تي جسٽس اطهر چيو ته ڇا توهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته صورتحال ايگزيڪيوٽو جي وس کان نڪري چڪي آهي؟ عدالت چيو ته ڇا وفاق کي خبر ناهي ته پنهنجون ذميواريون ڪيئن نڀائبيون آهن؟ سپريم ڪورٽ انتظامي معاملن ۾ ڇا ٿي ڪري سگهي؟ رياست طاقتور ۽ بااختيار آهي. چيف جسٽس چيو ته اسان سمجهي سگهون ٿا ته هاڻوڪي صورتحال جي ڪري پريشان آهيو، ملڪ ۾ ڏڦيڙ نه پر امن امان چاهيون ٿا، پر اهڙو حڪم ڏيڻ نٿا چاهيون جيڪو وقت کان اڳ هجي ۽ ان تي عمل به نه ٿئي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.