ٻوڏ جا ڪٽ خوني، سيوهڻ ۾ خيرپور واسي پانڌيئڙن جي وين ڪلٽي، 20 اجل جو شڪار

سيوهڻ/ ڀان سيد آباد( رپورٽ: خالد ميمڻ+ آدم مينگل) سيوهڻ ويجهو روڊ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت قلندر جا 20 پانڌيئڙا فوت ٿي ويا. خيرپور واسي قلندر جي پانڌيئڙن جي وين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کڏ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ويهه کان مٿي ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا آهن. ڀان سيدآباد انڊس هاءِ وي تي سيوهڻ ٽول پلازا وٽ ڦلپوٽو برادري جا ماڻهو  قلندر جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ لاءِ سيوھڻ  اچي رھيا ھئا ته گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ٻوڏ جي پاڻي واري اونھي کڏ ۾ ڪري ڪلٽي ٿي پئي ، جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ٻارن عورتن ۽ مردن سميت 20 ڄڻا موقعي تي ٻڏي فوت ٿي ويا ، جڏهن ته 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ، فوت ٿيلن ۾ 7 ساله عثمان ، 4 ساله محبوب ، مسمات ليلا، جمن خاتون ، شاهده ، 9 سالا شهزاد ، 10 سالا سونهن ، 6 سالا شاهنواز ، 5 سالا مديحا ، 5 سالا الهڏتي ، 7 سالا الهڏنو ، 11 سالا بينظير ، مسمات پنجل خاتون ، نجمه خاتون ، مسمات محموده ، حير، دلشاد ، سدير ، ۽ ڪلثوم شامل آهن.جڏهن ته 13 مسافر زخمي ٿي پيا.  سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي مطابق حادثي جي 20 فوتين جا لاش اسپتال آندا ويا ۽ 13 زخمي آندا ويا،زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت نازڪ آهي، ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي ٻڌايو ته فوتي 20 ڄڻن جي سڃاڻپ خيرپور واسي طور ٿي آهي. پوليس موجب فوتين جي سڃاڻپ 7 ورهين جو الهڏتو پٽ شاهنواز، مهرالنساء، 7 ورهين جو عثمان پٽ غلام شبير، 4 ورهين جو محبوب پٽ غلام عباس،مسمات جمن خاتون زال غلام عباس، مسمات ليلا زال غلام نبي، مسمات شاهده زال شاهنواز، شهزادو پٽ غلام عباس، مسمات سونهن ڌي شاهنواز، مديحه ڌي غلام عباس، الهڏتي ڌي غلام رضا، بينظير، 50 ورهين جي مسمات پنجل خاتون، مسمات ثنا زال عرفان، نجمان ڌي الطاف، محموده، هير، دلشاد، سڌير، ۽ ڪلثوم شامل آهن جن جا لاش سيوهڻ اسپتال پهچايا ويا. جڏهن ته 13 ئي زخمين کي اسپتال ۾ طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون.  حادثو رات جي وقت اونداهي دوران ڪٽ واري هنڌ پيش آيو. انڊس هاءِ وي روڊ تي لڳل ڪٽ کي نيشنل هاء ويز اٿارٽي انتظاميا 2 مهينا گذرڻ باوجود به بند نه ڪري سگهي، منڇر ڍنڍ جي ٻوڏ واري پاڻي کي درياء ۾ خارج ڪرڻ لاءِ انتظاميا انڊس هاء وي روڊ کي ڪٽ ڏنو هيو، 2 مهينا اڳ لڳل ڪٽ کي بند نه ڪرڻ سبب ڪٽ واري هنڌ حادثا معمول بڻيل آهن، 15 ڏينهن اڳ ضلعي انتظاميا ڄامشورو پاران ڪٽ واري هنڌ هڪ ٽريڪ کي بند ڪري ٽرئفڪ لاءِ روڊ کوليو ويو هو پر روڊ کي هڪ پاسي کي ڪليئر نه  ڪيو ويو جتي ڪٽ لڳل آهي، ڪٽ جي هيٺ گهرائي 25 فوٽ آهي جتي اڃا تائين 15 فوٽ پاڻي پڻ بيٺل آهي. سيوهڻ انڊس هاءِ وي روڊ تي لڳل ڪٽ وٽ افسوسناڪ حادثي جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاه نوٽيس ورتو آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب سيد مرادعلي شاهه پاران ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو فريدالدين مصطفيٰ کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي ۽ وڏي وزير واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، وڏي وزير پڇاڻو پڻ ڪيوآهي ته واقعو ڪيئن پيش آيو، ان ۾ ڪنهن جي غفلت آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.