جاگيردار نمائندن سنڌ کي تباهه ڪيو آهي: قادر مگسي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته عمران خان جي  آئين جي سامھون ڪابه حيثيت  ڪونھي، ھو پاڪستان جي حڪومت تي قبضو ڪري، آئين کي تبديل ڪري فرد واحد جي ھڪ آمرانا حڪومت چاھي ٿو، ھو اخلاقي طور پنھنجي ويليو وڃائي چڪو آھي، عمران خان کانپوءِ پي ڊي ايم جي حڪومت به  سماج ۾ مھانگائي، بک، بيروزگاري کڻي آئي آھي، سنڌ جي وچولي درجي جي پڙھيل لکيل ماڻھن جا ٻار يونين ڪائونسل کان وٺي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي سيٽن تي چونڊن ۾ حصو وٺي، پارلياماني سياست ۾ سنڌ جي  عوام کي نئون فورم ڏين. اھڙو اظھار ھن ڪالھھ سنڌ ترقي پسند ھائوس تي پ پ (ش ڀ) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ڪيس جي شاھد، ڊاڪٽر مظھر علي ميمڻ طرفان ساٿين سميت ايس ٽي پي ۾ شموليت دوران صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. ايس ٽي پي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پارٽي ۾ شامل ٿيندڙن کي ڪڏھن به  شرمندگي نه ٿيندي ته ھنن سياست ۾ ڪو غلط فيصلو ڪيو آھي،  ھن چيو ته سنڌ جا باشعور ماڻھو ان راءِ تي متفق آھن ته جاگيرداراڻي سياست سنڌ کي تباھ ڪيو آھي ۽ جاگيردار نمائندن، ايم پي اي، ايم اين اي جي نااھلي ۽ انھن جي ڪرپشن ڪري اڄ باوقار سنڌي قوم روڊن تي پنڻ تي مجبور ٿي وئي آھي.  ھن چيو ته ايس ٽي پي طرفان اچو ته سنڌ سنواريون، جاگيردار مردھ آباد انقلاب زندھ آباد جي سلوگن تحت جدوجھد شروع ڪري رھيا آھيون، جنھن ۾ منشيات جي خاتمي،  تعليم جي بحالي، صحت کاتي جي به تري ۽ سنڌ جي ڊولپمينٽ لاءِ جدوجھد ڪئي ويندي. ان موقعي تي ايس ٽي پي ۾ شموليت ڪندڙ ڊاڪٽر مظھر ميمڻ چيو ته سنڌ کي قومي ٻڌي ۽ ھڪ قومپرست پارٽين جو اتحاد گھرجي ٿو، ايس ٽي پي ۾ شموليت ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر مظھر علي ميمڻ، نذير احمد ڇڄڙو، گلزار احمد ڀٽي، آڪاش لانگاھ، پنھل خان گاڏھي، آفتاب علي شاھ، سيد حيدر شاھ، مير اظھر علي ٽالپر ۽ سرمد علي ميمڻ شامل آھن. 17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.