حليم عادل جي گهر تي پوليس ڇاپي جي دعويٰ

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گهر تي پوليس ڇاپو هنيو آهي. گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته  پوليس اهلڪارن گهر جي ٻاهران پيل گلن وارا ڪونڊا ڀڃي ڇڏيا آهن.گهرڀاتين چيو آهي ته حليم عادل گهر ۾ موجود نه هو، چئن کان پنج موبائلن ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن گهر تي ڪاهه ڪئي.ٻئي پاسي ايس ايس پي ايسٽ عبدالرحيم شيرازي جو چوڻ آهي ته حليم عادل جي گهر تي ڇاپي جو علم ناهي، انهن جو گهر عزيز ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ آهي.ايس ايس پي چيو ته عزيز ڀٽي ٿاڻي جي نفري ڪو به ڇاپو ناهي هنيو. هن چيو ته پوليس جو ڪو به يونٽ حليم عادل جي گهر ناهي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.