ڪراچي ۾ اغوا جو ڊرامو ر چائي هجوم هٿان وڌيڪ هڪ ڄڻو قتل

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ اغوا جو ڊرامو ڪري وڌيڪ هڪ ڄڻي کي قتل ڪيو ويو آهي، ماڙيپور ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن  مطابق مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ 50 سالن جي حاتم طور ڪئي آهي . پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول عبدالرحمان ڳوٺ ھاڪس بي  جو رهواسي هو، مارجي ويل شخص منشيات جو عادي هو. پوليس موجب مقتول ۽ شير خان نالي شخص ۾ جهيڙو ٿيو ، هن انهن ماڻهن تي پٿراءُ ڪيو ته هنن به مقتول کي پٿر هنيا. پوليس جو چوڻ آهي ته پٿر لڳڻ سبب شير خان عرف شيرو جو 4 ورهين جو پٽ پٿر لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن تي شيرو گهر جي ٻين ماڻهن سان گڏجي کيس پٿر هنيا جنهن جي نتيجي ۾ هو مارجي ويو . پوليس موجب مبينا تشدد ڪندڙ جوابدار ٻارڙي کي اغوا جو ڊرامو ڪيو، پوليس ڪارروائي ڪري گهر جي سربراهه شيرو سميت 4 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي علائقي ۾ ٻين ماڻهن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي . واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مڇر ڪالوني ۾ موبائل ڪمپني جي ٻن انجنيئرن کي به اغوا جو ڊرامو رچائي کين بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو. ايس ايس پي ڪياماڙي فداحسين جانوري جو چوڻ آهي ته  متضاد اطلاع مليا آهن. اغوا جي باري ۾ تصديق ناھي ٿي سگهي آهي . بعد ۾ مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي . ابتدائي تحقيقات ۾ واقعو ٻار جي اغوا جو ناھي پر پاڙيسرين جي وچ ۾ جھيڙو نڪتو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.