استادن کي پگهارون نه ملڻ تي وفاقي سيڪريٽري جي پگھار روڪڻ جو حڪم

ڪراچي( رپورٽر) وفاقي سروس ٽربيونل نيو روشني اسڪول پروجيڪٽ جي استادن کي پگهارون نه ملڻ واري ڪيس ۾ تعليم واري وفاقي  سيڪريٽري جي پگھار روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نيو روشني اسڪول پروجيڪٽ جي استادن جي پگهارن جي ادائيگي بابت فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ واري ڪيس ۾ جسٽس توقير احمد خان وفاقي سيڪريٽري تعليم جي پگھار روڪڻ لاءِ اڪائونٽنٽ جنرل اسلام آباد کي هدايت ڪري ڇڏي، جسٽس توقير احمد خان رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيترن ئي حڪمن باوجود سيڪريٽري ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ وفاقي ٽربيونل جي حڪمن تي عمل نه ڪيو، درخواست گذار عبدالفتاح جو چوڻ آهي ته تعليم واري وفاقي سيڪريٽري ٽربيونل پاران 2012  ۾ جاري ڪيل فيصلي تي اڃا تائين عمل ناهي ڪيو، نيو روشني پروجيڪٽ ۾ استاد ڀرتي ڪيا ويا، پهريان انهن کي پگهار ڏني وئي بعد ۾ پگهار بند ڪئي وئي، جڏهن ته 8 سال گذرڻ باوجود پگهارون ڏيڻ واري حڪم تي عملدرآمد ناهي ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.