ميان صاحب ڀرسان چوري مامري تان فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، عورت سميت 6 زخمي

ميان صاحب (رپورٽ: مظفر ملڪ ) جھان واھ ڀرسان ڀيا ۽ مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوري جي مامري تان فائرنگ ۾ مارفاڻي برادري جا 2 ڄڻا مارجي ويا ، عورت سميت  6 زخمي ، 5 ڄڻا يرغمال ، علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهيو ، 6 ڪلاڪن جي فائرنگ کان پوءِ پوليس ضابطو آندو ، زخمي اسپتال منتقل ، لاش پوليس کي نہ مليا ، تفصيل موجب : ميان صاحب ڀرسان جهان واهه  ٿاڻي جي حد ڳوٺ دين پور واري علائقي ۾ ڀيا ۽ مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ذوالفقار ڀيو ۽ سردارو مارفاڻي واري ڌر ۾ سارين جي چوري جي مامري تان ڍ 6 ڪلاڪ هلندڙ فائرنگ ۾ سردارو مارفاڻي جي ڌر جا 2 ڄڻا سراج احمد ممڻاڻي مارفاڻي ۽ سعيد مارفاڻي مارجي ويا جڏهن ته سردارو مارفاڻي ، اڱڻ پٽ شمن مارفاڻي ، عبدالحميد پٽ سردارو مارفاڻي ، ذوالفقار ڀيو جي ڌر جا گل ڀيو ، ذوالفقار ڀيو ۽ مسمات ريحانه خاتون زال عبدالنبي ڀيو زخمي ٿي پيا جن مان زخمي عورت ۽ ذوالفقار ڀيو سميت ٽن ڄڻن کي شڪارپور سول اسپتال جڏهن ته ٻين زخمين کي مقامي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو جڏهن ته مارفاڻي برادري جي هٿياربندن ڀيو برادري جي 5 هٿياربندن کي اغوا ڪيو ويو هو جن کي ڪالهه شام تائين پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي هئي ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي سلطان ڪوٽ جاويد الرحمان لاکير ٻڌايو ته ذوالفقار ڀيو ۽ سردارو مارفاڻي واري ڌرين ۾ چوري جي مامري تان جهيڙي ۾ ٻن ڄڻن جي مارجڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته هڪ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ ڌرين ۾ فائرنگ بند ڪرائي وئي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.