ميڊيڪل، ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا ٽيسٽ ٻيهر تڪراري

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ 2022-23 لاءِ منعقد ٿيندڙ داخلا ٽيسٽ هڪ  ٻيهر تڪراري ٿي وئي، داخلا ٽيسٽ(MDCAT)13 نومبر تي منعقد ڪئي وئي هئي، سنڌ ۾ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ٽيسٽ جي سوالن جا پيپر ڊائو يونيورسٽي تيار ڪيا هئا جنهن ۾ ڪراچي جي 17 هزر، حيدرآباد ۾ 15 هزار408، خيرپور ۾ 8 هزار 559 اميدوارن جڏهن ته نوابشاهه ۾ 3 هزار 72 اميدوارن شرڪت ڪئي هئي، تحريري ٽيسٽ کانپوءِ اميدوارن ڊائو يونيورسٽي پاران تيار ڪيل سوال نامي جي پيپر تي سوال اٿاري ڇڏيا، اميدوارن پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڊائو يونيورسٽي پاران لکت ٽيسٽ ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ سوال نصاب کان هٽي ڪري شامل ڪيا ويا هئا جڏهن ته 10 سوالن جي آنسر KEY به غلط هئي، اميدوارن کي پهريون ڀيرو سوالنامو حل ڪرڻ لاءِ پينسل جو استعمال لازمي قرار ڏنو ويو هو جنهن تي اميدوارن ٻڌايو ته پينسل سان حل ڪيل سوالن جي جوابن کي آساني سان تبديل ڪري سگهجي ٿو، اميدوارن سوشل ميڊيا تي ڪاوڙ جو اظهار شروع ڪري ڇڏيو۽ پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل ۽ ڊائو يونيورسٽي کا مطالبو ڪيو ته نصاب کان هٽي ڪري شامل ڪيل سوالن جا نمبر ڏنا وڃن، ٻئي پاسي پي ايم سي جي صدار پروفيسر نوشاد شيخ ۽ چيف ڪوآرڊينيٽر جواد امين خان هڪ انگريزي اخبار کي ٻڌايو ته سوالنامي ۾ غيرضروري سوال شامل ڪرڻ تي اسان کي به شڪايتون مليون هيون،جنهن تي پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل ڊائو يونيورسٽي سميت ٻين يونيورسٽين پاران تيار ڪيل تحريري ٽيسٽ پيپر تي نظرثاني جي هدايت ڪئي وئي آهي، سنڌ جي اميدوارن پاران شڪايتون وصول ٿيڻ تي ڊائو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي هدايت ڏني وئي آهي ته تيار ڪيل سوالنامي تي ٻيهر نظرثاني ڪري، جواد امين خان چيو ته جيڪڏهن نصاب کان هٽي سوال شامل ڪيا ويا آهن ته اميدوارن کي انهن جا الڳ نمبر ڏنا ويندا، هوڏانهن ڊائو يونيورسٽي جي ترجمان ڊائو يونيورسٽي ٽيسٽ منعقد ڪرائي جيڪا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ مطابق هئي، ڪنهن به اميدوار کي سوالن بابت ڪا شڪايت آهي ته لکت ۾ وي سي کي درخواست ڏئي سگهي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.