عمران حڪومت هٽائڻ وارن الزامن ۾ سچائي ناهي: آمريڪا

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏئي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران هن جي حڪومت جي خاتمي ۾ واشنگٽن جي  ڪردار جي الزامن ۾ ڪڏهن ڪا صداقت ۽ سچائي نه هئي، غلط معلومات ۽ پروپيگنڊا کي پاڪستان جي ٻه طرفن لاڳاپن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏنو ويندو، پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته آمريڪا هميشه هڪ خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان کي امريڪي مفادن لاءِ اهم سمجهي ٿو، ان پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي، هن اهو به واضح ڪيو ته آمريڪا ڪنهن هڪ پارٽي جي سياستدان کي ڪنهن ٻي پارٽي جي اڳواڻ تي ترجيح نٿو ڏئي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.