آرمي ايڪٽ ۾ ترميم دوکو، سينيارٽي بنياد تي آرمي چيف مقرري، 20 نومبر تي اعلان جو امڪان

لاهور (معظم فخر) آرمي ايڪٽ ۾ ترميم صرف انهن ڌرين سان دوکو ۽ عمران خان کي آسرو هو  جيڪي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا  جي ملازمت مدي ۾ ٻيهر واڌ جا خواهشمند هئا. نامياري صحافي موجب نواز شريف ۽ اتحادي سينيارٽي بنياد تي نئين آرمي چيف جي مقرريءَ جو حتمي فيصلو  ڪري چڪا آهن. جنهن جو اعلان 20 يا 21 نومبر تي ٿيڻ جو امڪان آهي. آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جو شوشو صرف اهم مقريءَ  تي گوڙ گهٽائڻ لاءِ هو. ان ترميم ۾ حڪومت بلڪل به سنجيدا نه آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪابينا جو سڏايل اجلالس ملتوي ڪيو ويو. جڏهن ته ترميم لاءِ جوڙيل  ڪميٽي به منظر تان غائب آهي. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اسلام آباد پهچي چڪو آهي.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو  زرداري به ساڻس گڏ موجود آهي. چيو وڃي ٿو ته وزيراعظم شهباز شريف کي ڪورونا ٿيڻ سبب  نواز شريف خاص طور آصف علي زرداري کي گذارش ڪئي ته آرمي چيف جي مقرريءَ  دوران اوهان جو اسلام آباد ۾ هجڻ ضروري آهي. جيئن اسٽيبلشمينٽ ۽ اتحادين سان رابطي  ۾ رهي اهم مقرريءَ  وارو معاملو خير اسلوبيءَ  سان حل ڪرايو وڃي ڇو ته وزيراعطم به ڪورونا  سبب غير حاضر آهي ان صورتحال ۾ اوهان جو گادي شهر م هجڻ ضروري آهي ان ڪري آصف علي زرداري پهتو آهي، جنهن سان گهڻي تڪليف عمران خان کي ٿي آهي. ڇو ته هو سمجهي ٿو ته ڦرڻي ڪرسيءَ  تان کيس لاهي  روڊن تي رلڻ تي مجبور ڪرڻ وارو آصف علي زرداري آهي. ان ڪري عمران خان کي ٻن سياستدانن مان گهڻو ڊپ ٿي رهيو آهي. هڪ آصف علي زرداري ۽ ٻيو راڻا ثناءُ الله آهي. جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري  سان اهم شخصيتن ملاقاتون ڪيون آهن،. اعليٰ سطح تي حتمي صلاح مشورا ٿي رهيا آهن. آصف علي زرداري نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان سان به رابطي  ۾ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 29  نومبر  کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ۾ به وڏي اٿل پٿل جا امڪان آهن. اهو به امڪان آهي ته سياسي غير يقينيءَ ۾ اڻ سڌي طرح ملوث اهم آفيسرن  خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي.  هوڏانهن  اسحاق دار جي سربراهي ۾ هڪ وفد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات  لاءِ ويندو ۽ حتمي صلاح مشورا ڪندو . ذريعن  جو چوڻ آهي ته عمران خان کي واپسي جو عزت ڀريو رستو ڏيڻ جي راءِ ڪٿان آئي آهي جنهن کي مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف مڪمل طور رد ڪري چڪا آهن. ان هوندي به ان معاملي تي به هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهه ٻول ڪئي ويندي.

  • جنهن شهر ۾ آرمي چيف اتي صدر علوي به موجود

لاهور (امداد سومرو )  صدر عارف علوي سخت  پريشان آهي ڇو ته عمران خان جي سياست کيس  ڦاسائي وڌو آهي. ان ڪري محسوس  ٿي  رهيو آهي ته صدر عارف  علوي کي آرمي چيف  جنرل باجوا  جي جنهن شهر ۾ موجودگي جو اطلاع ملي ٿو ته ان شهر ۾ پهچي وڃي ٿو. نامياري صحافي موجب گذريل  ڀيري جنرل قمر جاويد باجوه لاهور ۾ الوداعي  تقريب لاءِ پهتو ته صدر عارف علوي  به پهچي ويو ۽ ان بعد پي ٽي آءِ  سوشل ميڊيا برگيڊ ٻڙڌڪ وڌو  ته صدر ۽ آرمي چيف جي عمران خان سان ملاقات ٿي وئي ۽ معاملا طئه ٿي ويا آهن. جڏهن ته اهڙي ملاقات جي ڪٿان به تصديق نه ٿي سگهي آهي. هاڻي جڏهن آرمي چيف ڪراچيءَ پهتو ته صدر عارف علوي به پهچي ويو پر ملاقات جو ڪو به اطلاع نه آهي. صدر جي  پريشاني اها آهي ته جنرل باجوا  هڪ ڀيرو عمران خان سان ملي کيس ڪا سکڻي تسلي ڏئي جيئن صدر عارف علوي جي جان آجي ٿي سگهي ڇو ته عمران خان جي کيس هدايت آهي ته آرمي چيف جي مقرري جي سمري روڪي ڇڏي جيڪا  فرمائش پوري ڪرڻ صدر علوي جي وس ۾ نه آهي، ان ڪري شديد پريشان آهي.

  • آرمي چيف مقرري، سرپرائز تيار، ميرٽ اکين جو دوکو

اسلام آباد(عمران شفقت) آرمي چيف مقرري معاملي تي اسلام آباد ۾ پراسرار خاموشي ڇانيل آهي، جيڪي باخبر آهن اهي به بي خبر آهن، جيڪي هن ريس ۾ شامل آهن اهي به بي خبر آهن، ”خفيه وارا“ به بي خبر  آهن، ان مقرري پٺيان سياست ئي ملوث هوندي، ميرٽ ۽ سينيارٽي رڳو ڳالهين جي حد تائين آهي، اسلام آباد جي سينئر صحافي ٻڌايو ته آصف زرداري هن وقت سڀ کان وڌيڪ فائدي ۾ آهي، ايندڙ ڏينهن ٻڌايو ته هن ان معاملي ۾ ڇا ڪمايو، سمري 19 نومبر تي موڪلي ويندي، اتفاقي طور تي سمري ۾ ايندڙ چار پنج نالا فائٽنگ ڪور سان تعلق رکن ٿا، سرپرائز به اچي سگهي ٿو، جيڪي نالا آيا آهن انهن کان علاوه ٻيا نالا به ٿي سگهن ٿا، اهو بليڪ هارس ثابت ٿيندو، چوٿين يا پنجين نمبر تي ايندڙ جنرل لنڊن ويو هو، اهو نوازشريف سان ملاقات ڪري چڪو آهي، هو به نوازشريف وانگر اڇي رنگ جو آهي، لاهور جي آسپاس رهندڙ به ٿي سگهي ٿو، باخبر صحافي ٻڌايو ته خدشو آهي ته ايڪسٽينشن به ٿي سگهي ٿي، ميرٽ اکين جو دوکو ٿي سگهي ٿي، شهبازشريف جي ”بيماري“ سبب سمري ۾ دير ٿي رهي آهي، عمران خان جي سياست جو دارو مدار به ان مقرري تي آهي، هن جي سياست داءُ تي لڳل اهي، هاڻي هن کي عزت واري واپسي گهرجي ٿي،

  • پ پ پاران آرمي چيف لاءِ نالو تجويز نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) پ پ آرمي چيف جي مقرري جو معاملو وزيراعظم حوالي ڪري ڇڏيو، نجي ٽي وي اي آر واءِ نيوز موجب پ پ جو موقف آهي ته شهبازشريف آئين ۽ قانون تحت مقرري ڪري، اسلام آباد ۾ اڳوڻي صدر  آصف علي زرداري، پارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارٽي جي سينئر اڳواڻن ۾ ان سلسلي ۾ مشاورت ٿي آهي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پ پ ايندڙ آرمي چيف لاءِ ڪو به نالو تجويز نه ڪندي، پ پ آرمي چيف جي مقرري جو معاملو وزيراعظم حوالي ڪيو آهي،ايندڙ آرمي چيف جيڪو ايندو پ پ ان کي قبول ڪندي، آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته منهنجو ڪو به فيوريٽ ناهي، مون کي سمورن سينئر فوجي آفيسرن جي قابليت تي يقين آهي، ملڪي مفاد ۾ وزيراعظم جنهن کي به آرمي چيف مقرر ڪندو ان کي قوم پنهنجو سپهه سالار قبول ڪندي

  • آرمي چيف بابت سمري، دفاع وزارت جو وزيراعظم آفيس سان رابطو

اسلام آباد(اعزاز سيد+عمرچيما) آرمي چيف مقرري معاملو هلندڙ آهي، وزيراعظم ڪورونا سبب هن وقت آئسوليٽ ٿيل آهي، سمري معاملي تي جمعي 18 نومبر تي چرپر ٿي سگهي ٿي، دفاع وزارت پاران وزيراعظم آفيس سان رابطو ڪيو ويو، وزيراعظم عليل آهي، وقت قليل آهي ، لڳي ٿو ته دفاع واري وزير جو ويڪ اينڊ هن ڀيري سيالڪوٽ ۾ نه ٿيندو، سمري ويندي ته پوءِ هو ويڪ اينڊ تي پنهنجي تڪ سيالڪوٽ روانو ٿيندو، انٽيليجنس پاران سمورن آفيسرن جو ڊوزيئر وزيراعظم آفيس موڪليو ويندو،چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو ادارو مضبوط هجي ها ته آرمي چيف مقرري جو تڪرار پيدا ئي نه ٿئي، ذريعن موجب آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جي حوالي سان هڪ درجن ترميمون شامل آهن، پنج ڇهه مهينن کان معاملو هلي رهيو آهي، اهو معاملو عمران خان جي رجيم چينج کان اڳ جو آهي، ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ناهي ٿيو، خواجا آصف مطابق ترميم اسان جي ترجيح ناهي،

  • آرمي ايڪٽ پيو اچي، آرمي چيف مقرري تي حڪومتي حلقن ۾ خوف ڇانيل آهي: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان چيو آهي ته خدشو آهي ته مٿس اڃا به وڌيڪ حملا ڪرايا ويندا.فرانسيسي نيوز چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته منهنجي سِر کي اڃا به خطرا آهن، اهو ماڻهو ٻيهر مونکي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا، بدقسمتي سان مونکي لڳي ٿو ته اهي اهڙي ڪوشش ٻيهر به ڪندا. اهي  مونکي ان لاءِ ختم ڪرڻ چاهين پيا ته منهنجي پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي ۽ مونکي وڏي پيماني تي عوامي حمايت حاصل آهي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مونکي رستي تان هٽائڻ جو واحد طريقو مونکي ختم ڪرڻ آهي انڪري خطرا اڃا به آهن جڏهن ته اهڙي سازشن جو مون ڇهه هفتي اڳ ئي جلسي ۾ ٻڌايو هو ته هڪ مذهبي جنوني هٿان قتل ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. آزاد جاچ ٿي ته سڀ خبر پئجي ويندي ته سڄو ڪجهه منصوبابندي تحت ڪيو ويو.عمران خان چيو ته اسان تي ٻن حملو ڪندڙن حملو ڪيو، هن چيف جسٽس کي گذارش ڪئي آهي ته معاملي جي آزاد جاچ ڪرائي وڃي ڇو ته آزاد جاچ ۾ ئي ثابت ٿيندو ته اهڙي عمل سان فائدو حڪومت کي ٿئي ها، هن چيو ته حڪومت آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري رهي آهي، ته جيئن اهڙو آرمي چيف اچي جيڪو انهن کي بچائي، آرمي چيف جي مقرري تي حڪومتي حلقن ۾ خوف ڇانيل آهي، اهي هڪ ٻئي سان وڙهي رهيا آهن، اسٽيبلشمينٽ سان اسان جا اختلاف احتساب ۽ عثمان بوزدار کي نه هٽائڻ تي ٿيا، لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ۽ دينه ۾ لانگ مارچ کي وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ اسان جي حڪومت پرڏيهي پاليسي تي هڪ پيج تي هئا، روس دوري کان واپسي تي اختلاف پيدا ٿيا، آرمي چيف  جي مقرري تي اسان جي پاليسي ڏسو ۽ انتظار ڪريو آهي، آصف زرداري کانپوءِ جيلن مان باقي ماڻهن کي به ڪڍي مشاورت ڪئي وڃي، هن چيو ته سئو سيڪڙو يقين آهي ته مون تي اسنائپر فائرنگ ڪئي ۽ فائرنگ ڪندڙ هڪ کان وڌيڪ هئا، ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ تي پرويز الاهي ذميوار ناهي، هن چيو ته حڪومت جو زور معاشي تباهي کي منهن ڏيڻ تي هئڻ گهرجي پر حڪومت جو زور ان جي ابتڙ ڪرپشن ڪيس ختم ڪرائڻ تي آهي، گهڙي معاملي تي مان عمر فاروق، ۽ جيو نيوز آمريڪا، برطانيا ۽ دبئي  ڪيس ڪري رهيو آهيان، ڪٿي اها ڪجهه ڪروڙن واري ڳالهه اٿاري ڇڏيا، ۽ ڪٿي انهن جا 1100 ارب رپين جا ڪيس معاف ٿي رهيا آهن، حسن شريف جي 10 ارب رپين جي پراپرٽي کي هاڻي ڪير به نه پڇندو، اهي بيلون ڇڏيندا آهن ته توشاخانه ۾ هي ٿي ويو، هن چيو ته مان آرمي چيف بڻجڻ جي اميدوار جنرلن مان ڪنهن جي باري ۾ نه پيو ڳالهايان، مان پنڊي پهچڻ جو اعلان ڪندس، پورو يقين اهي ته پنڊي ۾ سڀ کان وڏو عوامي سمنڊ گڏ ٿيندو، هن چيو ته پاڪستان جو ڊيفالٽ رسڪ 80 سيڪڙو ٿي چڪو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.