ڊاڪٽر بابت نوٽيفڪيشن رد ٿيڻ تي نوٽيس، ايڊوڪيٽ جنرل معافي ورتي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ م سول اسپتال  جي ڊاڪٽر نديم الرحمان جي ڊيوٽي ڪرڻ ۽ نوٽيفڪيشن رد ٿيڻ واري ڪيس ۾ عدالتي حڪم تي چيف سيڪريٽري سنڌ سهيل راجپوت ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر عدالت ۾ پيش ٿيا۔عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر تي جواب جمع نه ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس جنيد غفار چيو ته ڪارڪردگي ائين جاري رهي ته ايڊووڪيٽ جنرل آفيس کي نوٽيس جاري ڪنداسين.  جسٽس جنيد غفار چيو ته  اهڙي صورت ۾ عدالت سڌو سنئون سيڪريٽرين کان جواب طلب ڪندي، عدالت چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل آفيس جو رويو اسان کي مجبور ڪري رهيو آهي ته سڌو سنئون لاڳاپيل کاتن کان جواب گهرون . جسٽس جنيد غفار چيو  ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ آفيس ڪيس جي ٻڌڻي هڪ يا ٻه نه پر 8 ڀيرا ملتوي ڪرڻ جي مھلت گھري. جواب جمع ڪرائڻ ۾ ايتري دير ٿيندي ته عدالت ڪڏهن فيصلو ڪندي؟  ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر عدالت کان معافي وٺي ڇڏي. عدالت درخواست گذار کي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.