ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ بدامني، وارداتون معمول،خلق پريشان

گلشن اقبال ( ن ع آ) ڪراچي سچل ڳوٺ ٿاڻي جي حد اندر وڌندڙ بدامنيء تي ضابطو نـ اچي سگھيو آھي ھر روز ٿيندڙ ڦر جي وارداتون ٿيڻ سبب شھري پنھنجو پاڻ کي مڪمل طور تي غير محفوظ سمجھڻ لڳا مدراس چوڪ لڳ ٽيچر سوسائٽي وٽ موٽرسائيڪل تي ٻن ھٿياربندن طرفان گئيس سلينڊر جي دڪان تان ھزارين روپيا روڪ رقم موبائل ڦر ڪري آسانيء سان فرار ٿي ويا ھوڏانھن ٻـ ڏينھن اڳ سچل ڳوٺ وائيٽ ھائوس سوسائٽي وٽان نوجوان علي مغيري کي ھٿياربند طرفان زخمي ڪري ڦر ڪرڻ واري واقعي جو سچل ڳوٺ ٿاڻي تي زخمي نوجوان جي والد اڪبر مغيري جي والد اڪبر مغيري جي فرياد تي چئن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ھوڏانھن سچل ٿاڻي جو ايس ايڇ او گلبھار رند ۽ ٻيا پوليس اھلڪار بدامنيء تي ڪنٽرول ڪرڻ بجاء جوا منشيات ۽ فحاشي جي اڏن تان منٿليون وٺڻ ۾ مصروف بڻيل آھي جڏھن تـ بدامني سبب شھري سخت پريشان بڻيل آھن جن طرفان آء سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ايڊيشنل آء جي جاويد عالم اوڍو کان نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.