ڏهرڪي هوٽل تي ويٺل کي پنجاب پوليس کنڀي کڻي وئي، وارث پريشان

ڏهرڪي ( رپورٽ : اجيت ڪمار گودواڻي ) ڏهرڪي ويجهو باءِ پاس تي المرتضي هوٽل تي چئن گاڏين تي سوار پنجاب پوليس جي اهلڪارن چڙهائي ڪري هوٽل تي ويٺل ڳوٺ لڌو کونهارو واسي پورهيت شاهنواز کونهارو کي مارڪٽ ڪري ڌاڙيلن جيان کنڀي کڻي ويا آهن جڏهن ته پنجاب پوليس جي اهلڪارن پاران پورهيت کي کنڀڻ جا سي سي ٽي وي تان فوٽيج پڻ هٿ ڪيا ويا آهن ان سلسلي  پوليس پارن کنڀيل پورهيت شاهنواز کونهارو جي ڀاءُ نواز کونهارو ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ شاهنواز کونهارو پنهنجي دوستن سان گڏجي باءِ پاس تي المرتضي  هوٽل تي ويٺل هو ته 4 گاڏين ۾ سوار پنجاب پوليس جي اهلڪارن بنا ڪجهه ٻڌائڻ جي هوٽل تي چڙهائي ڪري شاهنواز کي ڌاڙيلن جيان کنڀي ويا آهن، ڏهرڪي پوليس بي خبر بڻيل آهي ايس ايس پي گهوٽڪي واقعي جو نوٽس وٺي ڀاءُ کي آزاد ڪرائي،  هوڏانهن  رابطي ڪرڻ تي ڏهرڪي پوليس ٻڌايو ته پورهيت کي گرفتار ڪندڙ پوليس پنجاب جي شهر صادق آباد ٿاڻي جي آهي جيڪا ٽريسنگ تحت ڪارروائي ڪئي آهي وڌيڪ پورهيت واري معامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.