حيدرآباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران 19 ۽ 20 نومبر تي ‘ٻارن جي ادب’ تي قومي ڪانفرنس منعقد

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران، ٻارن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان 19 ۽ 20 نومبر  تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ٻارن جو ادب, نوان لاڙا، موضوع ۽ نئين دور جون گُهرجون جي عنوان هيٺ سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ‘ٻارن جي ادب’ تي قومي ڪانفرنس:  ڪوٺائي وئي  آهي.  قومي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ڇنڇر ڏينهن صبح 11 وڳي ٿيندي. تقريب جي صدارت سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجو ڪندو،جڏهن تہ ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، شهيد الهه بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائين اينڊ هيريٽيج جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڀائي خان شر، جامي چانڊيو ۽ ادل سومرو خاص مهمان هوندا. قومي ڪانفرنس جي ٻنهي ڏينهن تي مختلف موضوعن تي مشتمل ويهڪن ذريعي سموري سنڌ مان ٻارن جي ادب سان لاڳاپيل اديب ، محققن ۽ شاعرن سميت لاهور، پشاور، ڪوئيٽا ۽ اسلام آباد مان ٻارن لاء لکندڙ اديب ۽ شاعر شريڪ ٿي پنهنجا مقالا ۽ ويچار پيش ڪندا.  قومي ڪانفرنس ۾ ٻارن جي دلچسپي لاء "جل جل مشعل جل”: ٻارن جو کليل اسٽيج، ٽيبلوز، موسيقي، تقريرون، خاڪا، ڪارٽون ڪردار، مزاح "ٻالڪ سُر منڊل”: ٻالڪ راڳين جي موسيقيءَ جي محفل "نانيءَ جي آکاڻي” ٻارن لاء آکاڻيون ۽ ڪارٽون ڪردار پيش ڪيا ويندا. جڏهن تہ ڪانفرنس دوران ڪتابي ميلو  پڻ لڳايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.