ايس يو پي اڳواڻن تي حملي ۾نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيا، مانجهند ۾هڙتال، ٿاڻي جو گهيراءُ

مانجهند (رپورٽ : بابو عمراڻي) سن ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي (ايس يو پي) ۽ شھري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي  3 مهينا اڳ سائين جي ايم سيد جي وڏي پوٽي سيد بدرالزمان شاهه، سندس پٽ سيد منير حيدر شاهه ۽  سندن حامين تي رستي جي لنگھه تان تڪرار ۾ کوسا برادري جي ماڻھن فائرنگ ڪري 7 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدارن گرفتار نھ ٿيڻ خلاف مڪمل شٽربند ھڙتال ڪري وڏي انگ ۾ رهواسين گڏ ٿي ريلي ڪڍي. وڏا ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي جي مک دروازي آڏو 3 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي  اڳواڻن  انور مڱڻھار، عنايت الله شاهاڻي، سيد عبدالله شاهه، موسيٰ شاھاڻي، سيد تراب علي شاھه ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 3 مهينا اڳ سيد امير حيدر شاھه جي فرزند بدر الزمان شاھه جي زمين مان ڏنل لنڪ روڊ جي تعمير تان کوسا برادري جي ماڻهن سيد بدر الزمان شاھه، سندس پٽ منير حيدر شاهه ۽ شاھاڻي برادري جي ماڻھن تي شديد  فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب سندن ست ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ھئا، واضح رهي ته انهيءَ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي هاءِ ڪورٽ به ضمانت رد ڪري ڇڏي آھي پر ڇڇر پوليس جوابدارن کي سياسي پٺڀرائي هئڻ سبب گرفتار نه پئي ڪري، جنهن خلاف ايس ايس پي ڄامشورو آفيس اڳيان ڌرڻو پڻ  هنيو ويو، جنهن ۾ ايس ايس پي ڄامشورو کين يقين ڏياريو ھو ته جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا پر جوابدار سرعام گھمي رھيا آھن، جنهن سبب خونريزي جو خوف ڇانيل آھي. هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او ڇڇر ايٽ سن کي ھٽائي واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.