پني عاقل لڳ گهر کي کاٽ، 2 ڳئون ۽ 5 ٻڪريون چوري

پنوعاقل (رپورٽ:رستم انڍڙ) پنوعاقل ۾ چورن پاران گذريل  رات بائجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مور جا ڪنڊا ۾ چورن پاران صاحب ڏنو جي گھر کي کاٽ هڻي 2 ڳئون چوري ڪري ويا ۽ ساڳي رات جي وقت پنوعاقل سٽي ٿاڻي جي حد ڪچا ڦاٽڪ مان  چور مومن شر جي گھر مان  5 ٻڪريون چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا،  ٻھ ڏينھن اڳ بائجي ٿاڻي جي حد غوثيه ھوٽل ٻاھران يعقوب چاچڙ جي موٽر سائيڪل چاٻي چور ڪاهي ويا ۽ ان ڏينهن سٽي ٿاڻي جي حد شھر جي صوفي محلي مان عاشق چاچڙ جي گھر ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪل چورن پاران ڏينهن ڏٺي جو چوري ڪري ويا، جڏهن ته شھرين توڙي ٻاھرياڙي واسي بدامني سبب ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي پنوعاقل۾ ڏوھاري گھرن توڙي دڪانن کي کاٽ هڻي چوريون ڪري رھيا آھن ۽ ڏينهن ڏٺي جو موٽرسائيڪلون به ڪاھ آساني سان فرار ٿئي، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي چورن خلاف  ڪارروائي ڪري امن بحال ڪرائي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.