سوڀو ديرو پوليس جون ڪارروائيون، 8 جوابدار گرفتار، منشيات هٿ

سوڀوديرو (ن ع آ) ايس ايس پي خيرپور روحيل خان کوسو جي سخت ھدايتن تي منشيات فروشن ۽ سماج دشمن عناصرن خلاف ڪاروائيون جاري آھن،  ڊي ايس پي سوڀوديرو سعيد احمد ڀيو، ايس ايڇ او سوڀوديرو محمد سليم دايو جي اڳواڻي ۾ مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي محمد نواز عرف جاني ميمڻ کي ڳوٺ رضل ميمڻ ليمن جي باغ مان  12 سو گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو، زاھد ميمڻ کي سوڀاشاخ پل وٽان 1150 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو، اميرعلي عرف پھلوان ملاح کي ٻنڊي لڳ سڳيون ۾ 120 پڙيون نشي آور سوپارين سميت گرفتار ڪيو ويو ،معراج علي لڪ کي سوڀوديرو گمبٽ لنڪ روڊ سومرن جي باغ وٽان 110 نشي آور سوپارين سميت حراست ۾ ورتو ويو،  جواري عون رضا ڀاڳت،ساجد ھيسباڻي، اسلم ميراثي کي سوڀوديرو ھنڱورجا لنڪ روڊ ميرن جي باغ مان جوا کيڏندي تاش جا پتا ۽ ڏھ ھزار روڪ ھٿ ڪيا،گرفتار ٿيلن مٿان سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جيل حوالي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.