پير جو ڳوٺ ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو ، وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجو ڳوٺ لڳ ڳوٺ غفار شاھ ۾ گيسٽرو وبائي صورتحال اختيار ڪري ويو آهي. 4 ورهين جي معصوم  ٻارڙي ثومل ڌيء وسيم جاگيراڻي فوت ٿي وئي آهي جڏهن ته ڪيترائي معصوم ٻارڙا، عورتون، ۽ مرد گيسٽرو ۾ ورتل آهن اهڙي صورتحال ڪري ڳوٺاڻا سخت پريشان ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ ۾ گيسٽرو وبائي صورتحال اختيار ڪري ويو آهي پر صحت کاتي ڪي به قدم نه کنيا آهن جنهنڪري سخت پريشان آهيون.

  • مومل جي ماڙي ۾ نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو، قتل جا چئوٻول

مومل جي ماڙي ( ن ع   آ  ) مومل جي ماڙي لڳ ڳوٺ صوفي رفيق آرائين ۾ گهرو اڻڀڻت تان 22 ورهين جي  زبير احمد ولد فوجي  شيرل عباسي ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو، جنهن بعد ماٿيلو مومل ماڙي پوليس پهچي لاش گهوٽڪي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته نوجوان زبير احمد عباسي کي گلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن جي ڀاءُ  پاران الزام هڻي گهران ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن بعد هن ڦاهو کاهي انت آڻي ڇڏيو ،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .

  •  پيرڳوٺ عدالت مان هٿڪڙين سميت جوابدار فرار

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ عدالت مان عبدالرحمان انڙ پوليس کان جوابدار ثاقب علي شاھ  هٿڪڙين سميت فرار ٿي ويو جڏهن ته  پوليس ڊوڙائي ڊوڙائي کيس هڪ ڪلاڪ بعد ٻيهر پڪڙي عدالت ۾ پيش ڪيو جنهن بعد عدالت کي جوابدار کي خيرپور سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار تاقب علي شاھ تي ڌمڪين ۽ گهر ۾ گهڙڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي ، جڏهن ته عدالت ۾ پيشي ۾ بعد پوليس کيس جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.