جوهي ويجهو ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، ٿڌ ۾کلي آسمان هيٺ ويٺل، ڌرڻو

جوهي ( ن ع آ  ) جوهي يوسي 2 جي ڳوٺ اميد علي باهوٽو جي ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ تي سپاف تعلقه جوهي جي اڳواڻ محمد يوسف باهوٽو، محب باهوٽو ، مختيار باهوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مسلسل ٽن مهينن کان سهائتا نه ٿيڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڳوٺ اڳيان کير موري روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو ته سڄي سنڌ جي ٻوڏ جي پاڻي جو نيڪال اسان جي ڳوٺ  ۾ ڪري ٽارگيٽ ڪري موهن جو دڙو بڻايو ويو آهي 60 کان وڌيڪ گهر ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڪري تباهه ٿي ويا آهن، خالي سر بچائي محفوظ جاين تي پهتا سين مگر افسوس آھي جو سنڌ حڪومت، ڊي سي دادو، چونڊيل نمائندن سميت ڪميشن تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز اڃاتائين واهر ڪرڻ لاءِ سروي به ناهي ڪئي  وئي ،معصوم ٻارڙا مليريا، گيسٽرو سميت ٻين جان ليوا بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن، سرڪار طرفان  ٽڪي جي به دوا هڪ معصوم تائين ناهي ڏني وئي خالي پلاٽن تي رات جي وقت جيت مڇرن جي آزار سبب آرام  ڦٽل آھي هنن چيو ته پ پ ايم پي اي سيد صالح شاھ جيلاني کي امداد نه ملڻ جي شڪايت ڪئي مگر سکڻا دلاسا ڏئي بنگلي کان ٻاهر ڪڍيو ٿو وڃي، ھنن اختيارين کان  مطالبو ڪيو ته خدارا ڳوٺ اميد علي باهوٽو  جي واهر ڪري ايمر جنسي بنيادن تي سروي ڪرائي صحت جي سهولتن سان گڏ راشن گهرو سامان ۽ سردي کان بچاء لاء گرم ڪپڙا فراهم ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.