ٽنڊو محمد خان ۾ ميونسپل ڪميٽي جي چونڊ، ايمپلائيز يونين 206 ووٽ کڻي ڪامياب

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ اويس حيدر شورو   ) ٽنڊو محمد خان ۾ ميونسپل ڪميٽي جي چونڊ ۾ ايمپلائيز يونين 206 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي ، ٽنڊو محمد خان ۾ ميونسپل ڪميٽي جي ميونسپل ايمپلائيز يونين جي نامزد ڪيل اميدوار صدر پير بخش خاصخيلي ، جنرل سيڪريٽري سڪندر علي ڀٽي ۽ ميونسپل مزدور يونين جي نامزد ڪيل اميدوار صدر عبدالوحيد ڀٽي ، جنرل سيڪريٽري امتياز خاصخيلي وچ ۾ مقابلو ٿي گذريو جنهن ۾ ايمپلائيز يونين 206 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي ، جڏهن ته سندس مخالف مزدور يونين 188 ووٽ حاصل ڪري سگهي ، جنهن ۾ ايمپلائيز يونين کي 18 ووٽن جي برتري حاصل رهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.