ٺڪراٺو لڳ 3 مهينا گذرڻ باوجود برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، احتجاج

ٺڪراٺو (رپورٽ : ضامن جتوئي ) ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ نانگورو واسي ڳوٺاڻن پاران برساتون پوڻ کي3 مھينا گذري وڃڻ بعد بعد ھن مھل تائين واھر نه ٿيڻ ۽ ٻنين مان پاڻي نيڪال نه ڪرائن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو آھي، احتجاج ڪندڙن علي ڏنو، ساجن علي، ڌڻي بخش، منظور احمد مھر، حاجي ٻانھون منگي، دورڻ مھر. رحيمداد، تاج محمد، امام بخش ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته برساتون پوڻ کي ٽي مھينا گذري ويا آھن پر ھن مھل تائين ڪنھن سار ناھين لڌي نه ئي وري زرعي زمينن مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي آھي، ھنن الزام ھڻندي چيو ته ھتان جا چونڊيل نمائيندا، ايڊ منيسٽريٽر پنوعاقل عبدالله جھلڻ ۽ پ پ جا مقامي اڳواڻ پنھنجي من پسند ماڻھن سان ڊيزل ۽ ٻيا فنڊز جو تعاون ڪن پيا پر مسڪين ڳوٺاڻن جي ڪو سار نٿو لھي نه وري ڪو مالي مدد لاءِ تيار آھي اسان جا فصل تباھ ٿي ويا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن وفاقي وزيرخورشيداحمد شاھ ، ايڊمنيسٽريٽر پنوعاقل عبدالله جھلڻ ۽ ٻيا وس وارا  ٻنين مان پاڻي نيڪال ڪرائي مالي سھائتا ڪن،ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.