ميرپور خاص جي عدالت ۾ ضمانت رد ٿيڻ تي ڊاڪٽر فرار

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي عدالت ۾ نانگ ڪکيل نوجوان جي علاج ۾ عفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن جي ضمانت رد ٿي ويئي. اطلاع تي پوليس پهچن کان اڳ جوابدارن ڀتون ٽپي پيرن تي زور ڏنو. ڳوٺ هوت خان مري واسي نوجوان بچل مري جي علاج ۾ غفلت ڪندڙ   سول سرجن ڊاڪٽر شيرو موتي، ڊاڪٽر ڪاشف، ڊاڪٽر ڪلثوم، ڊاڪٽر شمشير سميت ٻين خلاف داخل ڪرايل ڪيس جي ٻڌڻي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ميرپورخاص جي عدالت ۾ ٿي. ڪيس ۾ نامزد سول سرجن ڊاڪٽر شيرو موتي ۽ ڊاڪٽر ڪاشف جي حفاظتي ضمانت رد ٿي ويئي. مک جوابدارن جي ضمانت رد ٿيڻ تي ڪامورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ذريعن موجب پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پوليس جي پهچڻ کان اڳ ئي ڊاڪٽر ڀتون ٽپي ڀڄي ويا. ڪامورن جي گرفتار لاءِ وارث رڙيون ڪندا رهيا، پوليس جي بروقت نه پهچڻ سبب ٻئي ڪامورا عدالت مان فرار ٿي ويا.  واضح رهي ته نانگ ڪکيل نوجوان جي فوت ٿيڻ واري مامري تي ڊپٽي ڪمشنر پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ ڊاڪٽر ڪاشف کي مريض کي نانگ ڪکڻ بعد لڳندڙ اينٽي سنيڪ وينم انجيڪشن نه لڳائڻ، مريض جو بهتر علاج نه ڪرڻ کيس پراڻي سول اسپتال جي بلڊنگ کان نئين ڊي ايڇ ڪيو اسپتال موڪلڻ لاءِ ايمبولينس فراهم نه ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏيندي ڪاروائي جي سفارش ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.