قمبر ويجهو قتل ٿيل نوجوان جو 11 ڄڻن تي ڪيس داخل

قمبر ( ت ر) قمبر جي جاگير واري علائقي علائقي ۾ جهيڙي دوران قتل ٿيل چڱي مڙس جو 11 ڄڻن تي ڪيس داخل ٿي ويو.  ڳوٺ رئيس  محمد حسن چانڊيي ۾ قاسماڻي برداري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران مولا بخش چانڊيو قتل ٿي هو، سندس زال جي فرياد تي دوست علي بنگلا ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿي ويو، مقتول جي گهر واري جي فرياد تي حاڪم علي چانڊيي، غلام مصطفي چانڊيي، سرتاج چانڊيي، معراج چانڊيي، ثناءُ الله چانڊيي، نور ﷲ چانڊيي، نادر چانڊيي، علي دوست چانڊيي، رفيق احمد، عبدالغفور چانڊيي ۽ محمد ايوب مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس داخل ٿيڻ باوجود گرفتاري عمل ۾ نه آئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.