نعيم عباس جا قاتل گرفتار ڪيو، قمبر ۾ احتجاج

قمبر ( ت ر ) قمبر ۾ پوليس اهلڪار نعيم عباس قريشي جا قاتل گرفتار نه ٿيا، پ پ ش ڀ وارثن سان گڏجي علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي نديم عباس قريشي، اياز ميرجت، يونس چانڊيي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس اهلڪارن نعيم عباس قريشي جي قتل واري واقعي کي ڏيڍ مهينو ٿيڻ وارو آهي. هن وقت قمبر پوليس سندس قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي. بااثر وڏيرا پ پ اڳواڻ قاتل آهن، جوابدار سياسي اثر رسوخ استعمال ڪندي آزاد گهمي رهيا آهن. بااثر سرچاءَ لاءِ مختلف طريقن سان دٻاءُ وجهي رهيا آهن. پوليس پنهنجي ئي اهلڪار کي انصاف فراهم نه ڪرائي سگهي آهي ته پوءِ عام عوام جي قتل ڪيسن جو ته الائي جي ڇا حشر هوندو. هنن اعليٰ اختياين کان مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.