ڪراچي ۾ قتل ٿيل مختيار ڪار جو ٽيجهو، پٽ کي پڳ ٻڌرائي وئي

مٺياڻي ( ن ع آ ) ڪراچي جي علائقي منگهو پير ۾ مٺياڻي واسي قتل ٿيل مختيارڪار اعجاز علي چانڊيو جي ٽيجهي جي دعا حسيني هائوس مٺياڻي ڳوٺ مير محمد چانڊيو ۾ اڄ ادا ڪئي وئي،  جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾  شرڪت ڪئي،  ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو ، پ پ اڳواڻ محمد ياسين چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي مرحوم جي پٽ اظھار چانڊيو کي پڳ جا ور ايڊووڪيٽ اختر علي چانڊيو ، ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو ، الطاف حسين چانڊيو ، محمد بخش چانڊيو ، سڪندر علي چانڊيو، خالد حسين چانڊيو، امجد علي چانڊيو ۽ ٻين ڏنا، ان موقعي تي ماحول سوڳوار ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.