خير محمد آريجا ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، وارداتون معمول

خير محمد آريجا (ن ع آ) خير محمد آريجا ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني وڌي وئي، هڪ رات ۾ چوريءَ ۽ ڦر جون 3 وارداتون ٿيون، پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي. جڏهن ته گذريل رات چورن پاران خير محمد آريجا جي مکيه بازار ۾ ميان اشفاق کوهارو جي جنرل اسٽور جا تالا ٽوڙي اٽڪل 35 هزار رپين جا هار، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته اسٽور مالڪ طرفان اهڙي واقعي جو اطلاع حد جي ٿاڻي يونيورسٽي پوليس کي ڏنو جنهن بعد يونيورسٽي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي دوڪاندار کان واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا. هوڏانهن ساڳئي رات خير محمد آريجا ڀرسان حسن واهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ نئين گُڏ ۾ نامعلوم چورن اسد علي سومرو جي دوڪان جا تالا ٽوڙي دوڪان اندر بيٺل ٻه 125 موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته واقعي جو اطلاع دوڪان مالڪ اسد علي سومرو حسن واهڻ ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو جنهن بعد پوليس ۽ ڳوٺاڻن گڏجي پيرا کڻايا، هوڏانهن گذريل ساڳئي رات باقراڻي باءِ پاس روڊ تان خير محمد آريجا واسي مڇي جي واپاري نظير احمد شيخ کان اڻ ڄاتلن  ڦورن رستو روڪي هٿيارن جي زور تي سندس يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل، روڪ رقم 3 هزار موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته موٽر سائيڪل خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ڦورو باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ گل محمد تنيو ٻاهران موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا. اهڙي واقعي جو اطلاع متاثر واپاري ۽ ڳوٺاڻن گڏجي پوليس کي ڏنو جنهن کان پوءِ پوليس موٽر سائيڪل هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ خير محمد آريجا جي سڃاڻ ڌرين ۽ متاثر شهرين طرفان وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪئي ته وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي ڏوهارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري شهرين جي جان ۽ مال کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.