ٻوڏ کي 4 مهينا ٿي ويا، متاثر اڃا دربدر آهن: نواز شاهه ڀاڏائي

ڊگھڙي(ن ع آ) جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين سيد نواز شاھ ڀاڏائي پريس ڪلب ڊگهڙي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  اسلام آباد ۾ مفاد پرست ويٺا آهن، اقتداري ڌرين ۾ اقتدار جي جنگ هلي رهي آهي، سنڌ جي عوام کي سازش تحت بنيادي حقن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي بقاءَ جو اسلام آباد ۾ هلندڙ جنگ سان ڪو به واسطو ناهي، ماضي ۾ عمران خان ۽ هاڻي زرداريءَ کي سنڌ کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ ۽ ڦرڻ جو پروانو آصف زرادري حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ادارا انصاف فراهم نه ٿا ڪن، ملڪ ۾ جمهوريت نالي ڪا شئي ناهي، ٻوڏ کي چار مهينا گذري چڪا آهن، متاثر اڃان تائين روڊن رستن ۽ ڪئمپن ۾ دربدري واري زندگي گهارن ٿا، حڪومت پاڻ ڪا سخا نه ڪئي، ٻاهرين ملڪن کان ملندڙ امداد به ڪرپشن جي ور چڙهي وئي. ڪراچي ۾ روز سنڌ جا ماڻھو بيدرديءَ سان قتل ڪيا وڃن پيا. افغانين، برمين ۽ بهارين سنڌ جي شھرن تي قبضو ڪري زمينون والاري ڇڏيون آهن. غربت بک ۾ پاهه ٿي ٻچن سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. جيئي سنڌ محاذ سموري سنڌ ۾ سراپا احتجاج آهي. ان موقعي تي پارٽي اڳواڻ ممتاز آريسر ۽ محمد بخش چانگ پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.