ٽنڊوڄام ڀرسان ٽرالر ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر سبب 2 ڄڻا اجل جو شڪار

ٽنڊوڄام (ن ع آ) ٽنڊوڄام لڳ عمار ٽائون ڀرسان حيدرآباد ميرپورخاص روڊ وٽ ريتي سان ڀريل ٽرڪ کي پويان ايندڙ تيز رفتار ٽرالر جو ٽڪر،  ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽرالر ۾ موجود 27 سالا نوجوان ڊرائيور سميع الله پٺاڻ موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته سندس ڪلينر 24 سالا ذبيح الله پٺاڻ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور ويجهو رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي ٻيو نوجوان به فوٿ ٿي ويو جڏھن ته زودار ٽڪر جي سبب ٽرالر جو اڳيو حصو مڪمل طور پريس ٿي ويو جتي فوت ٿي ويل ڊرائيور  جو لاش کي وڏي مشڪلاتن سان پريس ٿيل ٽرالر مان ٻاهر ڪڍڻ بعد ٽنڊوڄام پوليس فوتي ڊرائيور جو مڙھ به ٽنڊوڄام رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، ٻنهي فوتين جو تعلق صوبه خيبر پختون خواھ سان ٻڌايو پيو وڃي، هوڏانهن ٽنڊوڄام پوليس واقعي واري هنڌ پهچي حادثي سبب بند ٿيل روڊ کولرائڻ بعد ٻنهي فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيا جڏھن ته ٽنڊوڄام پوليس حادثو بڻيل ٽرالر ۽ ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو پوليس پاران ڏنل ڄاڻ موجب حادثو تيز رفتاري ۽ اونداھ جي سبب پيش آيو جنهن ۾ ٻه ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.