گهوٽڪي لڳ مزدا جي ٽڪر ۾ نينگر فوت، ڊرائيور فرار

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪرنل موڙ وٽا تيز رفتار مزدا جي ٽڪر ۾ 14 سالا نينگر دلشاد ولد نورحسن شيخ ٿڏي تي  ئي فوت ٿي ويو، واقعي بعد مزدا ڊرائيور مزدا کي ڇڏي فرار ٿي ويو، جڏهن ته سرحد پوليس ۽ مقامي ماڻهن فوتي نينگر جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن سرحد پوليس مزدا کي ٿاڻي تي ڪاهي آئي، جڏهن ته واقعي جي ڪا رپورٽ وغيره پڻ داخل ناهي ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.