ميھڙ ۾ بدامني،ڪارخاني مالڪ يرغمال، ھٿياربند 18 لک رپيا ڦر ي ويا

ميھڙ (ن ع آ) ميھڙ ۾ بدامنيءَ جو عروج، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد گرلس هاءِ اسڪول ڀرسان اڻڄاتل ھٿياربندن ڪارخاني مالڪ  ڳوٺ ڪوٺي کوکرن جي رھواسي فدا حسين چني کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کائنس 18 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. فدا چني چيو ته ميھڙ مان رقم کڻي ڳوٺ وڃي رھيو ھئس ته موٽرسائيڪل تي ھٿياربندن يرغمال بڻائي 18 لک رپيا، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. جڏھن ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي شھري اتحاد جي اڳواڻ نياز ٻرڙو ۽ ٻيا شھري واقعي واري ھنڌ پھچي بدامني خلاف احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ميھڙ ۾ ماڻھون روز ڦرجن پيا پر پوليس ڪو تدارڪ نه ورتو آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته امن امان بحال نه ٿيو ته احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.