ٽنڊو آدم ۾دڪان مان چوري، سي سي ٽي وي فوٽيج پوليس حوالي

ٽنڊوآدم (ن ع آ ) ٽنڊي آدم جي اسٽيشن روڊ تي واقع نديم ملڪ جي ايزي لوڊ جي دڪان مان جوابدار 11 لک روڪ 2 تولا سونا زيور ۽ 4  عدد موبائيل فون ان وقت چوري ڪري ويا جڏھن ته دڪاندار صبح جو 10 وڳي ڌاري دڪان کولڻ لاء پھتو ته گھران آندل پلاسٽڪ جي شاپر ۾ ذڪر ڪيل روڪ رڪم سون ۽ موبائيل رکي دڪان کولڻ لڳو ته جوابدار شاپر کڻي فرار ٿي ويا سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته واردات ڪندڙ چئن جوابدارن جا منھن کليل ھئا واقع جي اطلاع تي پوليس پھتي جنھن کي جوابدارن جا فوٽيج حوالي ڪيا ويا واقع بابت سٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جانچ ڪئي پئي وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.