قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي ۾ٽڪر، عورت سميت 2 ڄڻا فوت

قمبر ( ت ر)  قمبر شهدادڪوٽ باءِ پاس تي اوباش نوجوانن جي ويلنگ دوران تيز رفتار موٽر سائيڪلون چنگچي سان ٽڪرائجي ويون، نتيجي  ۾ چنگچي اونڌي ٿي پيئي، چنگچي ۾ سوار پيرسن عورت مسمات سوڊي چانڊيو زال الهيار چانڊيو تڏي تي فوت ٿي وئي. موٽر سائيڪل سوار نسيم چانڊيو، نذير چانڊيو، ادريس بروهي، شاهد ڪنڀر زخمي ٿي پيا. جن مان نسيم چانڊيو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي ڊاڪٽرن کيس لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. نوجوان اسپتال پهچڻ کان اڳ زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته فوتي پيرسن کي وارثن کڻائي گهر پهتا. مڙهه پهچڻ تي گهر  ۾ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.