کنڀي گم ڪيل نوجوان جو پتو نه پيو، وارثن جا لاڙڪاڻي ۽ ڏوڪريءَ ۾مظاهرا

لاڙڪاڻو / ڏوڪري (نمائندن وٽان) ڏوڪري شهر مان ٻه ڏينهن اڳ کنڀجي ويل نوجوان عبدالحفيظ جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آھي، جڏھن ته گهرڀاتي پريشانيءَ ۾ورتل آھن. کنڀجي ويل نوجوان عبدالحفيظ ٿهيم  جي پيءُ عبدالغني ٿهيم صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته منھنجو پٽ بيقصور آهي ۽ هو قمبر شهر ۾ سرسو ملازم آهي، پوليس جي پهريل وردي ۽ سول ڪپڙن ۾ آيل اڻڄاتل اٺ ڄڻا زبردستي گهر اندر داخل ٿي ڪمري ۾ ننڊ ستل سندس پٽ کي کنڀي کڻي ويا آهن ۽ ڪمري ۾ پيل ليپ ٽاپ، 4 موبائيل فون پڻ کڻي ويا.نوجوان جي پيءُ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي ۽ ڊي جي رينجرز کان گهر ڪئي ته سندس پٽ کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ٻه ڏينهن پهريان رات دير سان گهر ۾ داخل ٿي ٿهيم پاڙي جي رهواسي نوجوان عبدالحفيط ٿهيم کي کنڀي کڻي ويا هئا.  هوڏانهن ڏوڪري پوليس سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي ڪراچي پوليس جي اچڻ جو ڪو اطلاع نه آھي، اسان نوجوان جي کنڀجڻ بابت ايس ايس پي آفيس اطلاع ڏئي ڇڏيو آھي.  هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ ڏوڪري شھر جي درياءَ خان منڱريو پاڙي مان مبينا کنڀي گم ڪيل نوجوان عبدالحفيظ ٿهيم جي آزاديءَ لاءِ سندس وارثن طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي احتجاج دوران وارث عورتون ۽ معصوم ٻارڙا زارو قطار روئنيدا رهيا. ان موقعي تي کنڀيل نوجوان جي پيءُ عبدالغني ٿهيم پنهنجي گهرواري مائي ڀاڳل، ننهن عظما خاتون، ڀاءُ عبدالڪريم ٿهيم ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي دانهيندي چيو ته منهنجو پٽ عبدالحفيظ ٿهيم قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي جي سرسو آفيس ۾ گذريل 5 سالن کان ڪلارڪ آهي جيڪو ڪجھه وقت کان نصيرآباد تعلقي ۾ ڊيوٽي ڪندو آهي. هن الزام لڳائيندي چيو ته 2 ڏينهن اڳ رات جو هڪ وڳي ڌاري پوليس وردي پهريل نامعلوم اهلڪارن اسان جي گهر ۾ گهڙي سامان جي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد منهنجي پٽ عبدالحفيظ کي ننڊ مان اٿاري کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، پڇا ڪرڻ تي اهلڪارن ٻڌايو ته هو ڪراچي پوليس جا اهلڪار آهن ۽ عبدالحفيظ کان ڪنهن معاملي بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي جن کيس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته پٽ کي کنڀي گم ڪرڻ کان پوءِ اسان حد جي ڏوڪري ٿاڻي تي وڃي ڳولا ڪئي پر ڏوڪري پوليس چيو ته کين معاملي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي. هن چيو ته پٽ عبدالحفيظ جو ڪنهن به تنظيم يا گروپ سان واسطو ناهي ۽ نه سندس مٿان ڪو ڪيس داخل ٿيل آهي کيس بيگناهه کنڀي ظلم ڪيو ويو آهي. جنهن جو هن وقت تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري اسين سخت پريشان آهيون، عبدالحفيظ جا 2 معصوم ٻچڙا، گهرواري ۽ پيرسن ماءُ روئي روئي بي حال ٿي ويا آهن. هن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل پٽ کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن هن مٿان ڪو الزام آهي ته کيس ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.