حيدرآباد ۾ فقير امير بخش لاکو هيڊ ماستر مقرر ٿيڻ تي گلن جا هار ۽ اجرڪ پارايا ويا

حيدرآباد(رپورٽر) شاهه لطيف علمي ادبي فورم جو سرگرم اڳواڻ تعليم جي لاءِ جاکوڙيندڙ فقير امير بخش لاکو، گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول مانجهند ۾ ھيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو آھي. ڊگري ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول مانجھند جي استادن، ساڃاهه وندن  امير بخش لاکو کي گلن جا ھار پارايا ۽ اجرڪون اوڍائي ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي ھنن چيو ته ايڇ ايم سائين امير بخش لاکو مانجهند اسڪول کي بهترين تدريسي ماحول جوڙي اسڪول کي سنڌ جي بهترين هاءِ اسڪولن ۾ شمار ڪرائيندو، شاهه لطيف علمي ادبي فورم جي اڳواڻن شفيع ملاح، حق نواز مڱڻھار، جاويد شيخ، دريا خان برهماڻي، رفيق ملاح، انجنيئر محمد هاشم، اشفاق احمد ۽ ٻين چيو ته هاءِ اسڪول مانجهند کي هڪ بهترين تعليم لاءِ جاکوڙ ڪندڙ علم ادب دوست ھيڊ ماستر مليو آھي، ساڻس مڪمل سهڪار رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.