پني عاقل ۾ پسند پرڻي بعد گهر تي حملو، همراهه اغوا، والد زخمي، سکر ۾ احتجاج

سکر (رپورٽر ) پنو عاقل جي رهواسي ميراڻي برادري جي ماڻهن عبدالقادر ميراڻي، آفتاب ميراڻي ۽ ٻين سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو آهي ته رياض ولد عبدالقادر ڪجهه مهينا  اڳ چنا برادري جي ڇوڪري ڀاگا سان پسند جي شادي ڪئي هئي جنهن بعد چنا برادري جي وچ ۾ اچڻ بعد فيصلو ڪري ڇوڪري کي مالڪن حوالي ڪيو ويو هو پر گذريل ڏينهن چنا برادري جي ماڻهن رياض ميراڻي تي حملو ڪري کيس اغوا ڪري ورتو آهي ۽ مزاحمت ڪرڻ تي سندس والد کي پڻ زخمي ڪيو ويو آهي جنهن جي اطلاع حد جي ٿاڻي تي پڻ ڏني وئي آهي پر پوليس نوجوان کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي اسان کي خدشو آهي ته اغواڪار نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيندا هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.