سول اسپتال خيرپور جي اڳوڻي ايم ايس جي گهر مان لکين رپين جو ڌاڙو

خيرپور ( س ر ) خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٽالپور ڪالوني مان چور اڳوڻي ميڊيڪل سپرينڊٽنٽ سول اسپتال خيرپور ڊاڪٽر صدرالدين صديقي جي گهر مان ڏينهن ڏٺي جو لکين روپين جي چوري ڪري فرار ٿي ويا ، واقعي خلاف گهر ڌڻي ڊاڪٽر صدرالدين صديقي بي سيڪشن ٿاڻي تي اين  سي  داخل ڪرائي ڇڏي آھي  هن سلسلي  ۾ ٻڌايو پيو وڃي  ته ڊاڪٽر صدرالدين صديقي جو گهر  ڏينهن جو  گهر ڀاتي  بند ڪري  مائٽن ڏانهن ويل هئا  ته بند  گهر  ۾ داخل ٿي چورن لکين روپين جي واردات ڪري فرار ٿي ويا ، پوليس  اطلاع  بعد جاء واردات جو معائنو  ڪري تفصيل گڏ ڪيا ، ٻڌايو پيو وڃي ته فنگر پرنٽ لاءِ لاڙڪاڻي کان ٽيم طلب ڪئي وئي آھي  پوليس موجب جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.