عمران خان عوام جو حقيقي ليڊر آھي: غوث علي شاهه

خيرپور (س ر )  سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي  شاهه  چيو ته عمران خان  عوام جو  همدرد ليڊر آھي،  عمران  خان اقتدار  دوران ذاتي مفادن کان هٽي  ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي  لاء قدم کنيا، عمران خان  جي  مخالفن وڏيون ڪوششون  ڪيون آھن ته عمران خان جي ڪرپشن خلاف ڪيس ٺاهيون  پر کين  ڪجهه به حاصل نه ٿيڻ ته هنن مجبور ٿي توشه خانه  جو ڊرامو  رچايو  آھي ڪراچي ۾ صحافين ۽ پي ٽي آءِ تعلقي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري محمد اعظم اڄڻ ، صحافي شاهد نواز سيال ۽ ٻين  سان ڳالهائيندي  غوث علي شاهه چيو  ته  هڪ پاسي سموريون سياسي جماعتون گڏ آھن ۽ ٻئي پاسي عمران خان ۽ پي ٽي آءِ آھي  پوءِ به عمران خان جا مخالف ڊنل آھن  هن چيو  ته وقت تمام جلد تبديل ٿي ويندو ۽ ڪ ڀيرو ٻيهر  عمران خان عوام جي طاقت سان گڏ اقتدار ۾ ايندو.، ان موقعي تي سيد غوث علي شاهه  جو فرزند ايڊوڪيٽ سيدصفدر علي شاهه ۽ ٻيا  موجود هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.