ميرپور خاص تعليمي بورڊ ۽ ايپڪا ۾ ڇڪتاڻ، ڪامورن تي ڪرپشن الزام

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي تنظيم۽ ايپڪا اڳواڻن ارشد زبير، علي شان شاهه، نعمان راجپوت، نديم خان، عبدالغفار، محمد بچل وساڻ، هاشم مهر، نواز علي هوت، صلاح الدين سمي ۽ ٻين ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته چيئرمين تعليمي بورڊ ميرپورخاص برڪت علي حيدري ۽ وقتي سيڪريٽري تعليمي بورڊ انيس الدين صديقي جي 6 سالن واري دور ۾ بدترين ڪرپشن ٿي، ڪرپٽ ڪامورن کي وائکو ڪرڻ تي تنظيم جي اڳواڻن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. ڊيوٽيون ڪندڙ ملازمن کي غيرحاضر ڄاڻائي شوڪاز ليٽر جاري ڪيا پيا وڃن. چيئرمين ۽ سيڪريٽري جي ڪرپشن وائکر ڪئي پر بااثر ڪامورن خلاف ڪاروائي عمل ۾ نه آئي، ويتر ملازمن کي جبري بدلي جا شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. گذريل مهيني جي به ملازمن کي اڌ پگھار ادا ڪئي ويئي آهي. هنن چيو ته تعليمي بورڊ ۾ پيپرن جا نتيجا ٺاهڻ وارن استادن کي به ادائيگيون نه ٿيون ڪيو وڃن. سيڪريٽري جي ڪرپشن کي اختياري ۽ عوام آڏو آڻڻ لاءِ سومر ڏينهن کان احتجاجي تحريڪ شروع رهيا آهيون. پوري سنڌ ۾ ٽوڪن هڙتال سميت بورڊ ۽ ضلعي جي اختيارين اڳيان ٻنهي جي ڪرپشن جا ثبوت رکيا ويندا.

  • سڪرنڊ لڳ پوليس اهلڪار جي زيادتين خلاف ڌرڻو

سڪرنڊ (ن ع آ)  سڪرنڊ ڀرسان پنھل خان چانڊيو ٿاڻي جي حد  ڳوٺ امام بخش بروھي جي رھواسي عورتن ۽ مردن پنگريو موري اسٽاپ وٽ  سڪرنڊ – نواب شاھ روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،  ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون ، مسافرن کي سخت تڪليف کي منھن ڏيڻو پيو ،  ان موقعي تي مختيار بروھي ۽  مسمات شھزادي بروھي ، چيو ته پي ڪي ٿاڻي جو پوليس اھلڪار غلام قادر ڀنڊ ۽ ٻيا اسان جي گھرن ۾ گھڙي اسان  کي بلاجواز حراسان ڪري تنگ ڪن ٿا ۽ اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏين ٿا، ھنن چيو ته ڄاڻايل پوليس اھلڪار ۽ ان جي ساٿين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ۔ان موقعي تي ڊي ايس پي سڪرنڊ ميان اظھر سمون احتجاج واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري اھلڪار غلام قادر ڀنڊ کي معطل ڪري انڪوائري جو حڪم ڏنو آھي، اھڙي خاطري بعد ڳوٺاڻن ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.