لاڙڪاڻي ضلعي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت اسنيپ چيڪنگ

لاڙڪاڻو (ڊ ر) ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس ضلعي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت اسنيپ چيڪنگ، مختلف علائقن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪندي منشيات فروشن، مختلف ڏوهن ۾ ملوث ۽ ڪيترن ئي ڪيسن  ۾ اشتهاري، روپوش ۽ گهربل 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان چوري ڪيل موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ باڊهه پوليس چيڪنگ دوران منشيات فروش بائيد لاڙ کي هڪ ڪلو 50 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو، وليد پوليس چيڪنگ دوران روپوش ٻن جوابدارن عمران ڪلهوڙو ۽ عرفان ڪلهوڙو کي گرفتار ڪيو، دڙي پوليس چيڪنگ دوران چيڪنگ دوران ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي کبڙ ٿاڻي جي ڪيس ۾ اشتهاري جوابدار جوابدار در محمد کوسو کي گرفتار ڪيو، عاقل پوليس گشت دوران اشتهاري ٽن جوابدارن عطا محمد ڏاهاڻي، نادر ڏاهاڻي ۽ ثناءَ الله ڏاهاڻي کي گرفتار ڪيو، رتوديرو پوليس چيڪنگ دوران روپوش جوابدار نديم عرف قدوس ٻپڙ ۽ رتوديرو پوليس گشت دوران روپوش جوابدار غفار سيانچ کي گرفتار ڪيو، سول لائين پوليس چيڪنگ دوران گهربل ۽ سرگرم جوابدار حاجن مگسي کي گرفتار ڪيو، دڙي پوليس چيڪنگ دوران منشيات فروش زاهد ڀٽي کي منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو. ٻئي پاسي باقراڻي پوليس شهري نظير احمد کان ڦر ڪيل موٽرسائيڪل، دڙي پوليس شهري نياز حسين شيخ جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل، ڊاڪٽر ڪنعيا لالا جي ڪار ۽ عمران علي سومرو جو چوري ٿيل سامان، حيدري پوليس شهري نادر علي جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل ۽ مارڪيٽ پوليس شهري تاحال ڪمار جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪ حوالي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.