ماٿيلي لڳ پرائمري اسڪول جي عمارت زبون، فرنيچر ۽استادن جي کوٽ، احتجاج

ميرپورماٿيلو/ جروار  (   نمائندن وٽان )  ميرپورماٿيلو ويجهو پرائمري اسڪول محمد مراد گبول جي بلڊنگ زبون ٿي وئي فرنيچر جي کوٽ ۽ استادن جي کوٽ سبب شاگردن جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي، معصوم ٻار بلڊنگ زبون هجڻ ڪري کليل آسمان ۾ پٽ تي ويهي پڙهڻ لڳا، اسڪول جي شاگردن پاران احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي شاگردن سراج احمد، اميربخش، احمد گبول، فراز ۽ ٻين چيو ته اسان جي پرائمري اسڪول محمد مراد گبول جي بلڊنگ مڪمل زبون ٿي وئي آهي، روزانو ڇت مان چاپڙ ڪرڻ لڳا آهن ۽ بلڊنگ جون ديوارون به ناڪاره ٿي ويون آهن، ڪهڙي به مهل اسڪول جي بلڊنگ مڪمل ڊهي پٽ ٿي سگهي ٿي، هنن اسان سوين شاگرد کليل آسمان هيٺ تعليم پرايو پيا، نئي سر تعمير ڪرائي ڏني وڃي ته جئين اسان آساني سان تعليم حاصل ڪري سگهون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.