صالح پٽ لڳ اسڪول ۾ استاد ناهي، سوين شاگردن جي تعليم متاثر

صالح پٽ ( ن ع آ ) صالح پٽ لڳ ڳوٺ رتو ڀنڀرو  جي اسڪول 200 شاگرد ۽ شاگردياڻيون جي تعليم متاثر، ڳوٺاڻن حاجي چنيسر مهرم وڏيرو صابر مهر، ڪيوڙو مهر ،سماجي ورڪر امتياز علي مهر ۽ ٻين  ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ رتو ڀنڀرو پرائمري اسڪول ۾  ھڪ به استاد مقرر ٿيل ناهي    ضلعي ايجوڪيشن آفيسر ۽ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر سان ڪيترائي بار شڪايت ڪئي آھي ته اسان جي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪيو  افسوس جو اعليٰ آفيسرن جي ڪن تي جوءَ  به ڪون ٿي چري تعليم کاتي جا آفيسر اکيون بند ڪيون ويٺا آھن آفيسرن جي اھڙي لاپرواھي ۽ نااھلي ۽ غفلت سبب اسان جي ٻارڙن ۽ نياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي،  تعليم واري وزير سيد سردار شاهه،تڪ جي ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ تڪ جي ايم پي اي سيد اويس قادر شاھ نوٽيس وٺي بنيادي مسئلو حل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.