خيرپور لڳ ٽرڪ ٽول پلازا جي ملازم مٿان چڙهي وئي، نوجوان فوت، لاش رکي ڌرڻو

خيرپور ( س ر )  خيرپور ڀرسان ٻٻرلوءِ ٽول پلازه وٽ تيز رفتار ٽرڪ ٽول پلازه جي ملازم مٿان چڙھي ويو ، جنهن جي نتيجي ۾  ٽول پلازه ملازم  27 سالن جو نوجوان حامد پٽ فيض محمد ڇڄڻ موقعي تي فوت ٿي ويو ، ٽرڪ  ڊرائيور ٽرڪ ڀڃائي فرار ٿي ويو ،  ٽول پلازه ملازمن ۽ فوتي جي وارثن  ٽول پلازه  وٽ روڊ بلاڪ ڪري لاش رکي ڌرڻو هنيو ، جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان  گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون ، اطلاع تي حد جي پوليس ۽ وارث ناڪابندي  ڪرائي  روهڙي ڀرسان ٽرڪ  کي هٿ ڪري ورتو جڏهن ته ٽرڪ جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ، پوليس جي خاطري تي 3 ڪلاڪن کانپوءِ ٽول پلازه روڊ کولي ٽريفڪ جي رواني کي بحال ڪيو ويو ، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.