شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جو ڪيس ٻيهر هلايو وڃي: قوم پرست اڳواڻ

ڪوٽڙي (ن ع آ) جيئي سنڌ تحريڪ اڳواڻ انور بڙدي، قومپرست اڳواڻ فقير شبير  لغاري، بشير بروهي ۽ جلال کوسو ڄامشورو پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شفيع محمد ڪرناڻي کي 6 اپريل 2016ع تي ڏينهن ڏٺي جو مڪلي باءِ پاس تي شهيد ڪيو ويو، سندس قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن ميڊيا جي سامهون شفيع ڪرناڻي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، جنهن ڪيس جي اکين ڏٺن شاهدن، فريادي ۽ مشيرن طرفان ڪورٽ ۾ ڄاڻايل جوابدارن جي ملوث هجڻ وارا بيان ڪورٽ ۾ قلمبند ڪرايا هئا، پر قتل ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي 19 آڪٽوبر 2022ع تي عدالت آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو انصاف ۽ قانون خلاف آهي، جنهن سان شهيد شفيع ڪرناڻي جي خون کي لوڙهڻ جي ڪوششن ڪئي وئي آهي.  هنن وڌيڪ چيو  ته اسان شفيع ڪرناڻي جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ 18 نومبر 2022ع جمعي ڏينهن منجهند 2 وڳي کان 19 نومبر ڇنڇر ڏينهن منجهند 2 وڳي تائين حيدرآباد پريس ڪلب آڏو بک هڙتال تي ويهڻ جو اعلان ڪريون ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته هڪ طرف چورن لاءِ راتو رات ملڪ جي وڏي عدالت سپريم ڪورٽ کولي کين رليف ڏنو پيو وڃي ٻئي طرف سنڌ جي قومپرست اڳواڻن جي خون سان انصاف ڪرڻ بجاءِ سندن خون لوڙهيا پيا وڃن. هنن چيو ته عدالتون به انصاف فراهم نه ڪن ته آخر مظلوم ڪهڙي هنڌ وڃي؟ هنن مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪيس ۾ مک جوابدارن کي ٻيهر گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.