ٻوڏ متاثرن جي گھرن جي اڏاوت ۾ شفافيت جو سوال

ملڪ ۾ تازين برساتن بعد ٻوڏ ۾ سڀني کان وڌيڪ نقصان سنڌ صوبي جو ٿيو ھو،جنھنڪري اھو لازمي ھو تھ متاثر ماڻھون جڏھن پنھنجي ڪل جمع پونجي کان محروم ٿي وڃن، اھي بي گھر ٿي وڃن تھ پوءِ غربت ۾ لازمي واڌ ٿيندي،جيڪو ڪجھھ ھاڻي سماجي سروي دوران نظر اچي رھيو آھي،جيتوڻيڪ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت انھن جي مدد جو اعلان ڪيو پر سنڌ جي حقيقي متاثر ماڻھن جون اھي شڪايتون پڻ ميڊيا جي زينت بڻيون ھيون جنھن موجب ھنن جي جوڳي سار نھ لڌي وئي ھئي.

سنڌ سرڪار متاثر ماڻھن جي سار لھڻ،انھن جي مالي مدد ڪرڻ،متاثر ٿيل ھارين نارين،آبادگارن ۽ زميندارن جي مدد ڪرڻ توڻي جيڪي ماڻھون  پنھنجن اجھن کان محروم ٿيا ھئا انھن کي گھر اڏائي ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪندي رھي آھي.

تازو سنڌ سنڌ ڪابينا ٻوڏ سبب تباهه ٿيل گهرن جي تعمير لاءِ شروعاتي طور تي 50 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي،ان سان گڏوگڏ اين جي اوز جي مدد سان 3 لکن ۾ پڪن گهرن جي اڏاوت شروع ڪرائڻ لاءِ گهر مالڪ کي پهرين قسط طور 50 هزار رپيا ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، جڏهن ته  باقي اڍائي لک رپيا گھر جي ڪم جي نسبت سان متاثرن جي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪرڻ  جو بھ فيصلو ڪيو آھي.

اھڙو فيصلو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته  ٻوڏ سبب 36 لک ايڪڙن تي تيار فصل تباهه ٿيو آهي، آبادگارن ۽  هارين کي 421 ارب رپين جو نقصان پهتو آهي. پرڳڻي ۾ ڪڻڪ جي ٻج لاءِ 20 لک هارين کي في ايڪڙ 5000 رپيا ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي، جنهن تي.13 ارب 50 ڪروڙ رپيا خرچ ايندو. سنڌ حڪومت 8 ارب 39 ڪروڙ ۽ وفاقي حڪومت 4 ارب 70 ڪروڙ  رپيا ڏنا آهن. آبادگارن ۽ هارين ۾ 5 ھزاررپيا في ايڪڙ معاوضي لاءِ تعلقي ۽ ضلعي سطح تي ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر جنرل زراعت جي نگراني ۾ صوبائي ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آهي.

ڪابينا اجلاس ۾ ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي اڏاوت لاءِ پيپلز هائوسنگ ڪمپني لاءِ 50 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تباهه ٿيل گهرن جي مالڪن کي نون گهرن جي اڏاوت لاءِ پهرين مرحلي ۾50 هزار رپيا ڏنا ويندا،  جڏهن تعميراتي ڪم ڀتين  کڻڻ تائين پهچندو ته باقي اڍائي لک رپيا ڏنا ويندا. صوبائي ڪابينا گهرن جي اڏاوت واري سموري عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ ناليوارين اين جي اوز کي به رٿا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

واضح ھجي تھ ٻوڏ سبب 17 لک گهرن کي نقصان پهتو آهي، گهرن جي تعمير تي 160 ارب رپيا خرچ ايندو، جنهن مان ورلڊ بينڪ 110 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، باقي رقم جو بندوبست صوبائي ۽ وفاقي حڪومت توڙي  مختلف ڊونرز ذريعي ڪيو پيو وڃي. ھن کان اڳ اھو چيو پئي ويو تھ متاثرن کي گھر جوڙائي ڏنا ويندا ۽ھاڻي وري سڌي ريت انھن کي رقم جاري ڪئي پئي وڃي.اسان جي معاشري ۾ غربت کان وڌيڪ شعور جي غربت آھي،اڪثر اھو ٿيندو رھيو آھي تھ جيڪا رقم جنھن مد ۾ رکي ويندي آھي سا ان مد ۾ گھٽ ئي خرچ ٿيندي آھي،انڪري جيڪڏھن اھا رقم ڪنھن بھ ريت اصل مقصد تي خرچ نھ ٿي ته لکين ماڻھون گھرن کان محروم ٿي ويندا،ان بعد ۾ وري ھڪ ٻيو مسئلو سامھون ايندو جو ھڪ وڏي آبادي بي گھر ھوندي،ھئڻ تھ ائين گھرجي جو جيتري رقم ۾ ھڪ گھر جوڙڻ جو جنھن بھ اداري ڪاٿو لڳائي ڏنو آھي ان کي ئي ھن ڪم ۾ گڏ کنيو وڃي، ان ھٿان ئي ڪم ڪرايو وڃي.

ھن کان اڳ اعلان موجب متاثر ماڻھن کي في فرد  جي حساب سان 25 ھزار رپيا امداد جو علان ٿيو،جنھن تي جيئن ئي عمل شروع ٿيو تھ عوامي شڪايتن جي ٻوڏ اچي وئي ھئي.عام ماڻھن جي شڪايت ھئي تھ انھن کي 25 ھزار پورا نھ مليا آھن،جنھن بعد اھڙيون خبرون ميڊيا تي پڻ آيون ھيون، موجب شھيد بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي ويب ئي ھيڪ ٿي وئي، ان سلسلي ۾ حڪومت جي ڪيل رسمي ڪاررواين ۾ ڪجھھ ماڻھن کي قرباني جو ٻڪرو تھ بڻايو ويو پر ان جي اصل سببن کي نھ ڳوليو ويو ۽ نھ ئي وري انھن کي ختم ڪرڻ جي ڪشش ڪئي وئي.جنھن ڪري عوام ۾ اھو تاثر پختو ٿي ويو تھ ان عمل ۾ ھير ڦير ٿي آھي،عين ممڪن آھي تھ اھڙي ڪنھن گڙٻڙ جي جاچ اڃان ھلندڙ ھجي پر جيڪي متاثر سموري رقم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نھ ٿيا ھئا، انھن جي نقصان جو ڪو بھ ازالو نھ ٿيو.جنھن سان انھن وٽ وس وارن جي ساک تي اڃان سوال اٿياريا پيا وڃن.

ھاڻوڪو ڪم تھ بھترين پر سوال اھو ئي پيدا ٿو ٿئي تھ  برسات جي متاثرن ھارين۽ زميندارن کي اعلانيل ان رقم ۾ شفافيت کي ڪيئن يقيني بڻايو ويندو. ساڳيءَ ريت گھرن جي اڏاوت وارو پروجيڪٽ ھڪ وڏو ڪم آھي،جنھن ۾ پڻ متاثرن لاءِ اھڙي مدد کي ڪئين ممڪن بڻائبو.

ھن کان اڳ پڻ اسان گذارش ڪئي ھئي تھ حڪومت ان سلسلي ۾ ھڪ اھڙو نيٽ ورڪ جوڙي جنھن سان جتي جتي بھ جنھن بھ ماڻھون جي امداد ٿي رھي آھي ان بابت انگ اکر ھڪ ويب سائيٽ تي روزاني جي بنياد تي اپلوڊ ڪيا وڃن،جنھن تائين ھر ڪنھن کي پھچ ڏني وڃي.صحافين،مقامي ماڻھن تي بنا ڪنھن سياسي فرق جي ڪميٽي جوڙيل ھجي جيڪا گھرن جي اڏاوت جي مانيٽرنگ ڪري،جنھن سان ڪنھن حد تائين صورتحال ڪنٽرول ٿي سگھي ٿي.

جيڪڏھن ھن ڀيري حڪومت سخت مانيٽرنگ سسٽم نھ جوڙيو تھ جلد ان پروگرام شروع ٿيڻ سان ئي شڪايتن جون دانھون اچڻ شروع ٿي وينديون جنھن سان لاڳاپيل ادارن،وس وارن  ۽ حڪومت جي ساک تي سوال اٿندا.اميد تھ سرڪار ھن اھم پاسي تي غور ڪندي ۽ ان جي شفافيت کي يقيني بڻائيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.