ڪامريڊ اظهر جتوئي کي ڀيٽا

تحرير: عبداش پنهور

جڏهن ڪو درد جو کيس جهٽڪو ايندو آهي ته انسان اکيون به تڏهن پٽيندي ڇرڪ ڀريندي جاڳي پوندو آهي جڏهن ساڳيو سور سَنڌَ سَنڌَ ساڻو ڪري ڇڏيندو آهي. ڀومي جي استاد بخاري چيو هو ته ”اهو جيڪو عشق آهي انهيءَ ڏنو سور آ، انهيءَ ۾ سرور آ….“ ڇاڪاڻ ته درد جو رشتو تمام اُتم ٿيندو آهي. ساڳئي رمز ۾ ماستر چندر چيو هو ته ”ڪنهن کي سور ته ڪنهن کي پور، ڪنهن وٽ ديرا درد جا“ تڏهن سوال پيدا ٿو ٿئي ته اهو رشتو جڳت ۾ جڙي ڪيئن پوندو آهي؟ خبر ناهي! اهڙي ئي هڪڙي صحافتي صبح ڏينهن جا اٽڪل سوا 11 وڳي ويا تائين ننڊ سُتل انسان کي نالي سان نمبر هجڻ ڪري ڇرڪ ڀرائي جاڳائي ڇڏيو! اڳيان آواز آيو ته ”ڪامريڊ اظهر اسان سڀني وٽ هاڻ ناهي رهيو!“ سڀاڳي آهي سرزمين سنڌ جنهن جي جهولي ۾ جڳت جاڳائڻ وارا انسان پيدا ٿيا آهن. خبر ناهي ڇو هن ڏک جي خبر کان صرف هڪ ڏينهن اڳ 24 ڪلاڪ به چئي سگهجن ٿا ته صبح سوير ڀٽائي جي اها وائي من منجهائي ڇڏي ته ”آيل ڪريان ڪيئن، منهنجو نينهن پليو نه رهي“ رهي اچي ڪمپيوٽر کوليم ۽ مهان راڳي علڻ فقير جي آواز ۾ اها وائي اڪيلائي ۾ ٻڌڻ سان گڏ اهو ساڳيو ڪيڏارو جيڪو علڻ فقير ڳايو آهي سوز کي پڻ ٻڌڻ جو موقعو مليو. مطلب ته ڳالهڙي وڃي گڏجي پئي پرين جي پاسي ته ساڳئي سوز سان ۽ ساڳئي سور سان جنهن درد جي رشتي اسان انسانن کي پاڻ ۾ جوڙيو آهي ته ”سڀئي چئو ــ جيئي سنڌ“ جيڪو نعرو گيتن جي گونجار باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ لوڪ نروار ڪيو هو، اسان به انهي ٽهي ۾ ساماڻياسين ساڳئي ول سان ڳنڍيل رهياسين. مهان لوڪ راڳي جلال چانڊيو جڏهن ساماڻو تڏهن پهرين ڪيسٽ ۾ اهو ڪلام مشهور ٿيو ته ڪرڪي ڳنڍ جون ڳالهيون يار ڇنڻ ۾ ڇاهي“ جڏهن اهو درد جو رشتو جُڙي ٿو تڏهن ڏونگر جا پنڌ جنهن ۾ ڇپر پير ڇليون ڪن پوءِ به پهڻ کي پگهاري ڇڏيندا آهن. شيخ اياز چيو هو ته ”ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.“ سنڌ جي جديد دؤر ۾ سڀ اهي شاعر جن ڌرتي جا گيت چيا انهن سڀني شاعرن کي به شعوري سگهه ڏيڻ وارو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي آهي ۽ ڪيترن ئي سالن کان انهيءَ هاري هلچل جي سرواڻي ڪندڙ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مشعل ايندڙ نسل تائين پهچائڻ وارن جي تاريخ ۾ هاڻ ڪامريڊ اظهر پڻ وڃي چُڪو آهي، اهو مڻيو سنڌ جي جديد تاريخ جي سڀاڳي تسبيح جنهن جو ورد رڳو ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ“ آهي. وطن جي تند تنوار ۽ ولر ولهار بڻجي چڪو آهي.

ڪامريڊ اظهر جتوئي جيڪو ڪيتري وقت کان ڪيترين بيمارين ۾ وڪوڙيل رهيو پر کير ٿر ڏونگر جهڙو حوصلو رکندڙ هي سنڌ جو ارڏو سپوت ڪڏهن به هيڻو نه ٿيو اڃا ته ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي تنهن ڳالهڙي کي ٻه هفتا به نه گذريا هوندا ته حيدرآباد جي هنج ۾ هڪڙي ويچار ويهڪ ٿي ته بيماري واري حالت هوندي به ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي سان گڏ انهيءَ گڏجاڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي. هن ڪڏهن هيڻو نه ڳالهايو. مون کي ذاتي طور اها خبر آهي ته ڪجهه سال اڳ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي وٽ سنڌ ترقي پسند هائوس ۾ انٽرويو لاءِ وڃڻو پيو هو ته اتفاق سان ڪامريڊ اظهر جتوئي پڻ اتي پهتل هو. اصل ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر ڪامريڊ اظهر جتوئي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي مليل صدارتي ايوارڊ ڏيکارڻ آيو هو ۽ مون به تنهن گهڙي اهو اعزاز اکين سان ڏٺو هو تنهن گهڙي اسان ٽنهي وچ ۾ ٽهڪن واري ڪچهري شروع ٿي وئي.

ڪامريڊ اظهر جتوئي پنهنجي حُجت جو اظهار ڪندي چيو ته ڀلا ڪڏهن اسان جو انٽرويو به هلائيندا ڪيو. مون کان اڳ ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي ٽهڪ ڏيندي جواب ۾ چيو ته هي ته سڄو اوهان جو آهي ڪامريڊ. اها هڪڙي تمام يادگار ڪچهري هئي جيڪا ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهجي. سال کن اڳ جي ڳالهه آهي ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي ياد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو هو ته ”مون کي به سنڌ جي سياسي عملي جدوجهد ۾ ڪامياب ڪردار ملن ٿا هڪڙو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن سنڌ جي زمين جي مالڪي ڪئي ٻيو ڪامريڊ ڄام ساقي جنهن سنڌي ٻولي قومي ٻولي تحريڪ ۾ ڪاميابي ماڻي اسان سنڌين لاءِ اهي ٻئي ڪردار مشعل راهه آهن.“ مون کي اها ڳالهه به ياد ٿي اچي ته سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳوڻي صدر ڪامريڊ مظهر جتوئي جيڪو پڻ بيمارين کي منهن ڏيندي، مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائيندي ڪالا باغ ڊيم مخالف تحريڪ ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي سان صفا جوڙ رهيو.

سال 1998ع جڏهن وقت جي وزيراعظم نواز شريف ڪالا باغ ڊيم جو 10 آگسٽ تي پيڙهه جو پٿر رکڻ جو اعلان ڪيو ته سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي تنهن هلچل ۾ ڪامريڊ مظهر جتوئي بيماري ۽ ٻين مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائيندي ڪالا باغ ڊيم مخالف تحريڪ ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي سان گڏ سخت گرمين دوران سنڌ واسين ڌرتي دشمنن لاءِ تپائي ٽامون ڪري ڇڏي هئي ۽ اهو رشتو ساڳئي ڌرتي لوڪ جي درد جو رشتو آهي، جيڪو ڪٿي نه ڪٿي پاڻ کي جوڙڻ جو سبب بڻجي ٿو. سنجيدگي سوچ، فڪر، اڀياس ۽ هلچل ۾ سنڌ ڌرتي جي لوڪ جو جياپو سمايل آهي. سياسي اختلافن جو جمهوريت جي سوچ وانگر ڀرم رکڻ سان اڳتي وڌڻ جا موقعا ضرور ملي سگهن ٿا. سياسي ٻولي ۾ اها جمهوريت اسان کي ماني نه ٿي پهچائي پر ماني حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي هلچل سگهاري انداز سان هلائڻ جهڙا موقعا ضرور فراهم ڪري ٿي. سرمائيدارن جي جمهوريت جو جيڪڏهن ايترو ثمر ملي پئي ته به آساني ٿيندي پر پاڪستان ۾ ته خطرناڪ ۽ ڀيانڪ جاگيرداريت کان مذهبي جنونيت واري جمهوريت آهي. تنهن جمهوريت کي به سمجهڻ لاءِ سنجيدگي جي ضرورت هوندي آهي. هاڻ ته نظرياتي نعرن وارا به کنڀجي وڃن ٿا. اڳ چوندا هئاسين ته آمريڪا سامراج مرده باد ۽ هاڻ اهو نعرو جماعت اسلامي سميت مذهبي ڌرين جو تمام وڏو نعرو آهي، جنهن جاگيرداريت خلاف سنڌ هاري ڪاميٽي سڄي هلچل هلائڻ جا بنياد رکيا، جيڪا سماجي بيماري اسان کي انگريزن جي بيٺڪيتي حاڪميت مان ملي، جنهن خلاف بيمار حال باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جدوجهد ڪئي، جنهن جبر خلاف ڪامريڊ مظهر جتوئي بيماري تنگ حالتن هوندي ماٺ نه ڪئي، جنهن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ خلاف ڪامريڊ اظهر جتوئي وچن وفا ڪيا، اها سنڌ هاري ڪاميٽي سرزمين سنڌ جي لوڪ جي لڄ آهي ته وڏي شان ۽ مهان مانواري تاريخ به آهي تهان اڳ اهي سمورا سنڌ هاري ڪاميٽي جا انمول ڪردار جيڪي ڪڏهن ڪين وڪاڻا، ڪڏهن ڪامريڊ مانڌل شر جي اڳواڻي ۾ ته ڪڏهن ڦوٽو رستماڻي جي پيرين پنڌ پچار ۾ پيغام جاري رهيو. ڪڏهن ڪامريڊ غلام رسول سهتو ته ڪڏهن صالح بلو کان تاج مري ۽ چاچا شاهه محمد دراني کان چاچا اسماعيل قريشي سميت هزارين اهي ڪارڪن جيڪي سردي گرمي جي پرواهه نه ڪندي سنڌ هاري ڪاميٽي جي هلچل ۾ هر دؤر ۾ اڳڀرا رهيا، اهي سڀ چوندا رهيا ته ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ“ رڳو اهو پاسو ناهي شهيد فاضل راهو کان رسول بخش پليجو، جيجي زرينه کان بيدل مسرور تائين چوندا رهيا ته ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ“ اڄ ڪامريڊ مظهر جتوئي جي جدوجهد کي به ساڳيو سلام ته ڌرتي هنج سُتل کي جيئي سنڌ، جيئي سنڌ.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.