عزيز ڪِنگراڻي جي ڪِتابَ ” گورکَ مَٿي چَنڊ “ جو مختصر جائزو

تحرير: امين جويو

سائين عزيز ڪِنگراڻي جي شاعري جو بهترين مجموعو ” گورکَ مَٿي چَنڊ “ سال 2016ع ڌاري نَئون نِياپو اڪيڊمي وارن ڇپائي پڌرو ڪيو. هِن ڪتابَ ۾ ڪُل هڪ سئو چوئيتاليهه صفحا آهن. شاعري جي هِن خوبصورت ڪِتابَ ۾سائين عَزيز ڪنگراڻي جا بيت ، وايون ، غزل ، چئوسِٽا ، ترائيل ، هائيڪا ، آزاد نظم ۽ ڪُجهه متفرق شعر شامل آهن ، جن ۾ هُن جي اندر مان نِڪتل آوازَ ، صَدائون ، رُومانس ، اُڪيرَ ، ڏُکَ ، دردَ ۽ پِيڙائون شامل آهن !

هن ڪِتابَ ۾ ”پنهنجي پاران“ واري صفحي تي ليکڪَ رڳو چوڏهن عدد لفظ لکيا آهن، جيڪي ڏاڍا  معنيٰ خيز آهن ۽ هنن لفظن ۾ هڪ ڳُجهي ڳالهڙي جهڙي ڪَٿا سَمايل آهي! اُهي لفظ هي آهن ته ؛

” مُنهنجي قبر جو ڪَتبو پڙهي ، مُنهنجي داناءَ دوست ڀُڻڪيو؛  ” مار ! اڃا هيءُ جيئرو آهي !! “

هن ڪِتابَ جو بيڪ ٽائٽل جوهي جي نالي واري شاعر خليل عارف سومري لکيو آهي ، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته ؛ ” سائين عَزيز ڪنگراڻي زندگيءَ جي ڪٺن حالتن ۾ به قلم هٿان نه ڇڏيو آهي . هُن محنت ۽ جاکوڙ سان مُسلسل جيڪو به لِکيو آهي ، سو سنڌي ادبَ جو سرمايو ليکي سگهجي ٿو . هيءُ سنڌي ساهت ۾ هڪ نرالو نانءُ آهي . سندس شخصيت ۽ ادبي ڪَمَ جا رنگ نه رُڳو مختلف پر مُنفرد به آهن . تحقيقَ ، تَنقيد ، مقالا نِگاري ، ۽ ڪهاڻي جي روپَ ۾ سندس نثر جا لفظ نه رڳو ڳالهائڻ جي سگهه رکن ٿا پر سنڌي سَماجَ ۾ مُثبت تبديلي آڻڻ جو ڀرپور ڪِردار به ادا ڪري رهيا آهن . سندس ڊراما پڻ هن معاشري جي چِٽي پِٽي عَڪاسي آهن ، پر جڏهن سندس شاعري تي نظر وِجهون ٿا ته سندس سَرجيل لفظ شعرن جي روپَ ۾ رقص ڪندي نظر اچن ٿا . سندس شاعري ۾ فِڪري سگهه ۽ نَواڻ سان گڏ اسان کي انساني جذبن ۽ احساسن جُون جيئريون جاڳنديون تصويرون نظر اينديون . سندس شاعري پڙهندي مُنهنجي دل پاڻ مُرادو فتويٰ ڏِني آهي ته شاعري لکندڙ ، پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ هي ڪِتاب پڙهي اهو چوڻ تي ضرور مجبور ٿيندا ته ، واقعي شاعري ائين ٿيندي آهي ۽ شاعري ان کي چئبو آهي .“

ليکڪَ هن ڪِتاب ۾ گورگ ، گاج ، منڇر ۽ ڪاڇي جي حُسناڪين ۽ ڏُکن سورن جي اُپٽارَ ڪئي آهي . مثال طور شاعرَ جا هِي بيت پڙهي ڏسو جيڪي هُن منڇر ڍنڍ ۽ ڪاڇي ۾ ايندڙ مهمان پَکي تَلُور بابت چيا آهن ؛

” شام جو لهندڙ سجَ کي ، منڇر روئي چَيو

مُنهنجو اوج وَيو ، آر بي اوڊي جي ڇوڙ سان ! “

…….

” ڪاڇي منجهه تَلُور ، پرڏيهان آيل پَکي

نسل ڪشي هر سال ٿئي ، ڪيڏو آه ڪَلُور،

هِن جو آه قصور ، سنڌ ۾ پاند پناهه جو !“

……

اُن کان سَواءِ شاعر گورک ۽ گاج جي حُسناڪين کي نهايت خوبصورت انداز سان هن طرح بيان ڪيو آهي ته؛

” ڪويل پئي ڪُوڪيو ، گورکَ جي وڻڪار ۾ ،

اندر پئي ٻَڙڪيو ، تو بِن ٿڌڙي هِير ۾“ .

” هوءَ جا گاجَ ندي ، دهشت منجهه درياهه جيان ،

گوڙ ڪندي گجندي ، وهندي اچي صدين کان .“

” گورک مٿي سِجَ ، لَهندي گورک کي چيو ،

مان هان ٽِڪو گَجُ ، تون آن ٽَڪري جنتي!“

” گورکَ مٿي چَنڊَ ، تَڪيو بِيٺي پاڻ کي،

تون جهولي ۾ ننڊَ ، مُنهنجا خواب خُماريل ! “

شاعرَ مٿين بيتن ۾ گورکَ ۽ گاجَ جي خوبصورتي کي اهڙي ته سُهڻي نموني سان بيان ڪيو آهي جو دِل گورک ۽ گاج ڏسڻ لاءِ هِرکي پوي ٿي ! هن ڪتابَ ۾تشبيهون به ڏاڍيون شاندار استعمال ٿيل آهن! . مٿين بيتن سان گڏ سائين عزيز ڪنگراڻي بيتن واري هن حصي ۾ ڪُل ستهٺ بيت ڏنا آهن ، جيڪي مختلف موضوعن ۽ تاثرن تي مُشتمل آهن .

سائين عزيز ڪِنگراڻي جي شاعري جي هن ڪِتابَ ۾ ست عدد وايون به شامل آهن ، جن ۾ هُن رُومانس ۽ ڏيهه جي ڏُکن سُورن جي ڳالهڙي سَلي آهي ، پر ڪاڇي جو ذڪر سَرس ٿيل آهي ، انهن ستن ئي واين منجهان هيءَ وائي ڏاڍو زبردست اثر ڇڏي ٿي.

” سَنگ ڪَڪوريا لابَ پيا ، موسمَ ۾ ٿي ڦير !

تو ڇو لاتا ڏينهڙا ؟

پَڄران ياد جي باهه ۾ ، تو بِن مُنهنجو ڪير !

تو ڇو لاتا ڏينهڙا ؟

گهاريان ڪاڇي هيڪلي ، سارُون صبح سَوير!

تو ڇو لاتا ڏينهڙا ؟

ڪَنڌي ڀانيان ڪوڙڪِي ، هينئڙي تُنهنجي هير !

تو ڇو لاتا ڏينهڙا ؟

تو لئه چُونڊي مون رکيا ، ڍوليا پيرون ڍير !

تو ڇو لاتا ڏينهڙا ؟ “

اُن کان سواءِ شاعري جي هن مجموعي ۾ ستونجاهه عدد خوبصورت غزل به شامل آهن ۽ اُنهن ۾ رُڳو پيار ، عشق ۽ محبت جُون ڳالهيون ناهن ، پر پنهنجي ترَ جي حالتن ، ماڻهن جي ڏُکن سورن،  ڪاڇي ۽ ٿرَ جي ڏُکين حالتن ، ڏُڪرَ ۽ سوڪَ وارين حالتن جي اُپٽار پڻ ٿيل آهي! مثال جي طور تي ، سائين عزيز ڪنگراڻي جي هن غَزلَ ۾ تمام گهڻو درد سمايل آهي ؛

” سَدائين ڪاڇي ٿر واسي ، وطن ۾ بي وطن آهن ،

دفن ٿي ويون فضائن ۾ ، صدائون بي ڪفن آهن !“

هِن ڪِتابَ ۾ ايڪٽيهه عدد خوبصورت چوسٽا به آهن ، جن ۾ شاعر پنهنجي وطن سان محبت ، سنڌ جي سُونهن ۽ تواريخ ، رُومانس ، زندگي جي فلسفي ، وقت ، جنت جهنم ، ڏُکن سورن ، گورک ، گاج ، منڇر ۽ ڪاڇي جي ڳالهه ڪئي آهي . سندس لاجواب چوسٽن منجهان ، هڪڙو سبق آموز چوسٽو هتي ، پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو.

” تعزيتي ميڙ اڄ سڏايو پيا ،

ٻارها ورسيون ملهايو پيا ،

زندگي ڀَر عَذاب مان گُذريو،

قبرَ کي خُوب تر سَجايو پيا !“

شاعري جي هن ڪِتابَ ۾ اَٺَ عدد وڻندڙ ” تَرائيل“ به شامل آهن ، جنهن ۾ شاعر کيرٿر ، ڪاڇي ، گاج، گورک ، ٿر ، سُونهن ، محبت ، گورک جي شام، دهشتگردي ۽ امن جي ڳالهه ڪئي آهي . نَموني طور هتي ، هڪ خوبصورت ” ترائيل“ جا پهريان ٻهَ بَند پڙهندڙن اڳيان پيش ڪجن ٿا ؛

” گاجَ ڪپَ تي ڄڻ صدين کان انتظار ،

هيٺ جَرَ ۾ چنڊَ تُنهنجو عڪس آ !

چاندنيءَ ۾ کيرٿر ڄڻ آبشار ،

گاجَ ڪَپَ تي ڄڻ صدين کان انتظار!..“

اُن کان سَواءِ هن ڪِتابَ ۾ نوَ عدد شاندار ”هائيڪا “، ويهارو کن آزاد نَظمَ ۽ ڪُجهه مُتقرق شعر شامل آهن.

هن شعري مجموعي ۾ سائين عزيز ڪِنگراڻي شاعري جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾شاعري ڪئي آهي. جنهن ۾ هُن پنهنجي اندر جي اُڌمن جو اظهار ڪرڻ سان گڏ ، پنهنجي ترَ جي حسين تفريحي ماڳن جو ذڪر به ڪيو آهي ، ائين تمام گهٽ شاعرن ڪيو آهي. ڪِنگراڻي صاحب جي شاعري پَڪي ، پُختي ۽ شاعريءَ جي اصولن مطابق آهي . هر هڪ بندَ ۾ وزن ۽ بَحرَ جو حساب ڪِتاب رکيو ويو آهي. ماترائن ، خيالن ۽ تشبيهن جو اظهار ڏاڍي سُهڻي نموني ڪيل آهي.

جن باذوق ماڻهن کي شاعريءَ سان لڳاءُ آهي ، انهن لاءِ هِي ڪتاب ڪنهن سوکڙيءَ کان گهٽ ناهي !

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.