وڳڻ: چئو ديري جي مڊل اسڪول جو ڪم مڪمل نه ٿيو، استادن ۽ شاگردن جو احتجاج

وڳڻ ڀرسان مڊل اسڪول جو ڪم رولڙي جو شڪار هجڻ سبب شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي، استادن ۽ شاگردن جلد ڪم مڪمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڳوٺ چئو ديرو  ۾ قائم مڊل اسڪول جي استادن ۽ شاگردن عمارت جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف هيڊ ماستر امداد علي تنيو، زاهد منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ٺيڪيدار خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي هيڊ ماستر امداد علي تنيو ميڊيا کي ٻڌايو ته هي اسڪول 1989 ۾ قائم ٿيو،  جنهن ۾ مختلف ڳوٺن جا ٻار تعليم پرائين ٿا.

سندس چوڻ هو ته اسڪول جي عمارت زبون هجڻ بعد تعليم کاتي خالد جتوئي نالي ٺيڪدار کي نئين سر عمارت ٺاهڻ لاءِ ڪروڙين رپين جو ٺيڪو ڏنو، جيڪو 5 سالن کان ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويو آهي.

هيڊ ماستر امداد علي تنيو جو چوڻ هو ته عمارت جو ڪم پورو نه ٿيڻ سبب شاگردن کي پرائمري اسڪول جي عمارت ۾ پڙهائڻ تي مجبور آهيون، ڪلاسن ۾ رش هجڻ ڪري ڪيترن شاگردن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو آهي.

مڊل اسڪول جي استادن ۽ شاگردن وڏي وزير مراد علي شاهه، تعليم کاتي ۽ ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته ٺيڪيدار خالد جتوئي خلاف ڪارروائي ڪري اسڪول جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي، جيئن شاگرد آساني سان تعليم پرائي سگھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.